ڪراچي زينب مارڪيٽ ۾ باھ، ڪيترائي دڪان ۽ گدام سڙي ويا، باهه پلان تحت ڏياري وئي: واپاري

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي صدر واري علائقي جي زينب مارڪيٽ ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان ۽ گودام سڙي رک ٿي ويا، زينب مارڪيٽ ۾ ڪالهه صبح جو 11 وڳي اوچتو لڳي وئي وئي جنهن سبب 10  کان وڌيڪ دڪان ۽ گودام سڙي ويا، ان دوران فائر برگيڊ جي 16 گاڏين پهچي 8 ڪلاڪن کانپوءِ باھ تي ضابطو آندو، واٽر بورڊ به 20 کان وڌيڪ پاڻي جا ٽئنڪر فائر برگيڊ عملي حوالي ڪيا، امدادي ڪاررواين ۾ نيوي جي فائر ٽينڊرز به حصو ورتو، متاثر دڪاندارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باھ لڳڻ وقت فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو پر فائر برگيڊ عملو بروقت نه پهچڻ ڪري وڏو نقصان ٿيو آهي،  دڪاندارن جو چوڻ هو ته باھ هٿ سان ڏياري وئي آهي، هن وقت باهه جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سڙيل دڪانن جو معاوضو ڏياريو وڃي، واقعي واري هنڌ پوليس توڙي رينجرز جي وڏي نفري پهتل هئي، ٻي پاسي ڊي سي ڪراچي ڏکڻ ارشاد احمد سوڍر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باھ واقعي بابت جاچ جاري آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تفصيل ٻڌايا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.