ڀارت ۾ ڳئون لاءِ پهرين ايمبولينس سروس شروع

ڀارتي رياست اُتر پرديش جي وزير لڪشمي نارائن چوڌري بيمار ڳئون لاءِ پهرين ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 112 ايمرجنسي سروس نمبر جيان نئين سروس بيمار ڳئون جي ترت علاج جو رستو کوليندي.

لڪشمي نارائن چوڌري جو چوڻ هو ته اترپرديش جي حڪومت 515 ايمبولينس جي نئين اسڪيم لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻن مددگارن سان گڏ اها ايمبولينس سروس 15 کان 20 منٽن اندر بيمار ڳئون وٽ پهچي ويندو.

ڀارتي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪيم تحت شڪايتون وصول ڪرڻ لاءِ لکنئو ۾ هڪ ڪال سينٽر قائم ڪيو ويندو جيڪو ڊسمبر تائين شروع ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.