ڪوٽڏيجي ۾عورت جي مبينا گمشدگي خلاف احتجاج

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) گذريل رات دير سان ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڻ فقير ۾ ڊي ايس پي سٽي عبدالله لاکير 5 ٿاڻن جنھن ۾ اي سيڪش خيرپور ٿاڻو شاھ لطيف ٿاڻو راڻي پور ٿاڻو ڪوٽڏيجي ٿاڻو ڪنب ٿاڻو کان علاوہ سوراھ چونڪي پوليس  ساڻ ڪري بغير ليڊيز پوليس جو رات جي اونداھي ۾   رسول بخش ڪانڌڙو جي گھر تي ڪاھ ڪري عورتن، مردن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪري رسول بخش ڪانڌڙو جي گھر واري مسمات شميم  کي کنڀي کڻي وئي ان جي گرفتاري به ظاھر نه ڪئي ان کان علاوہ ٻه عدد سي ڊي موٽر سائيڪلون ٽي تولا سون، ڪپڙن  جا نوان جوڙا 40 مڻ ڪڻڪ، چوپايو مال متاء ڪاھي وئي آھي پوليس جي اھڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن جو رسول بخش ڪانڌڙو، مسمات مھناز بيگم، محمد مٺل، سڌير احمد، خدا بخش، ممتاز علي علي، نواز، نواب علي ڪانڌڙو ۽ ٻين جو ميڊيا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي رسول بخش چيو تہ مان غريب آھيان ناڪي تي مزدوري ڪري ٻچڙن جو گذر سفر ڪندو آھيان پوليس بلاجواز منھنجي گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري منھنجي گھر ۾ رات جي اونداھي ۾ داخل ٿي منھنجي گھر واري شميم   کي کنڀي کڻي وئي آھي ۽ منھنجي گھر ڀاتين کي ننڊ مان اٿاري سخت تشدد ڪيو آھي ڪجھ سال اڳ منھنجي والد ليمون ڪانڌڙو کي به پوليس بااثرن جي چوڻ تي بلاجواز ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائي قتل ڪرائي ڇڏيو ھو ۽ ھاڻي وري مون کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پوليس هٿان مارائڻ چاھن ٿا ان وڌيڪ چيو تہ پوليس منھنجي گھر ۾ پيل الھ تلھ ٻھاري وئي آھي منھنجي انتظاميا کي اپيل آھي ته صاف شفاف انڪواري ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل منهنجي گهرواري شميم کي آزاد ڪري ۽ گهر مان کنيل سامان واپس ڪيو وڃي ، مسمات مھناز بيگم چيو تہ پوليس بلاجواز  رات جو ڌاڙيلن وانگر  گهر ۾ داخل ٿي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن  کي مارڪٽ ڪري منھنجي ننھن شميم کي کڻي وئي آھي ۽ منھنجي گھر ۾ پيل سامان ٻھاري وئي آھي ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي خيرپور سميت لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جو وڏو منشي ٻڌايو ته گذريل رات اسان جي حد مان ماربل جي دڪاندار احمد علي کان اڍائي لک رپيا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس پهچڻ تي ڌاڙيلن سان مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري سلطان رڏ کي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو جنهن فرار ٿي ويل ساٿين رسول بخش ڪانڌڙو ۽ لالو ڪانڌڙو طور ٻڌايا جن مٿان ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي باقي گهرن مٿان چڙهائي جي اسان کي ڪا به خبر ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.