سکر مان عورت جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

سکر(رپورٽر) سکر جي آباد ٿاڻي جي حد نيو بس ٽرمينل وٽان چاليهن سالن جي عورت جو لاش هٿ آيو آهي، لاش جو اطلاع مقامي ماڻهن پاران آبادپوليس کي ڏنو ويو جنهن بعد پوليس پهچي ايڌهي رضاڪارن معرفت لاش کڻائي سول اسپتال سکر پهچايو جتي لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد پوليس لاش لاوارث سمجهي ايڌي سکر حوالي ڪيو جنهن بعد ايڌي جي رضاڪارن پاران ميت غسل ڪفن اسلامي طريقي سان ڪرڻ بعد جنازي نماز ادا ڪري ميت کي پوليس جي موجودگي ۾ سکر جي نيو ڳوٺ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب عورت جي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد حقيقت جي خبر پوندي جڏهن لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ايڌي حوالي ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.