بي ڏوهي ثابت ٿيڻ کانپوءِ نواز ليگ جي اڳواڻن جي سياست 

تحرير؛رياض ابڙو 

نون ليگ جا اڳواڻ جيڪڏهن شروع ۾ ئي ڪورٽ سان سچ ڳالهائي سرخرو ٿين ها ته هنن کي ڪورٽ نااهل قرار ڏئي ملڪ بدر يا جيل اندر نه ڪري ها، ڳالھه  اها نه هئي ته ڪو نوازشريف ڪرپشن ڪئي آهي يا نه، پر ڳالھه  اها هئي ته نون ليگ ڪورٽن جي آڏو ملڪيتون باسيون نه هيون ته ڪير ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون رکي، ٺاهي ۽ جوڙي ٿو، پر وري ڪرپشن نالي ثابت ته ڪجهھ به ناهي ٿيو، پر اهو ضرور آهي ته جيڪو شخص 50 سالن کان وٺي صنعتن جا ڄار وڇائي، اتفاق انڊسٽريز جو مالڪ بڻجي، ملڪن کان ٻاهر به سوين فيڪٽرين جو مالڪ هجي ڇا اهو ٻاهرين ملڪن ۾ هڪ فليٽ، هڪ بنگلو، هڪ ڪمپني يا ڪو ڌنڌو ڪاروبار نه ٿو هلائي سگهي؟ پر اهو به هيو ته هن عمران خان جي مٿان به ان پناما ليڪس ۽ وڪي ليڪس ۾ اوورسيز ڪمپني هجڻ جا الزام هيا، ڳالھه  وري اها به هئي جي اهڙن الزامن ۾ سڀني کي اڙائي ڇڏجي هان ته مالڪن جي رياست جو گهوڙو (ملڪ) ڪير هلائي ها، رياست ڪنهن کي ته وضو ڪرائي ها پوءِ ڪير ٻيو نه صحيح هي عمران خان ئي صحيح، ۽ ائين به ناهي ته ڪو هي الزامن کان آجو آهي، فارين فنڊنگ هڪ زبردست ڏوھ آهي جنهن ۾ عمران خان 1975، 2002 ۽ 2017 جي اليڪشن ايڪٽ جي انحرافي ڪندي ٻاهرين ملڪن کان، شخصين کان، غيرمسلم ملڪن کان، ايجنسين کان چندا ڪيا آهن جنهن جا اليڪشن ڪيمشن وٽ ثبوت پيا آهن ۽ ڪورٽن هنن جي چار هزار ڪارڪن جا اڪائونٽ اٿلايا به آهن (۽ هنن جي خاص ڪارڪنن جا جن جي مٿان خان جي پڳ آهي) انهن جا اڪائونٽ به چيڪ ڪيا اٿن، پر ڳالھه  اها آهي ته هن حڪومت کي مڙئي سڙئي هلائڻو آهي (جو جڏهن 2022 جي پڇاڙي ايندي تڏهن اهي سڀ سياسي ڏيڏر چونڊن جي مينهوڳيءَ ۾ ٻاهر نڪري ايندا، ڪورٽن جا فيصلا صادر ٿيندا، ماڻهن کي پوءِ اها آلجبرا سمجهھ ۾ نه ايندي ته آخر ووٽ ڪنهن ڏيون، ڇو ته جنهن تي هٿ رکبو اهومجرم، ملزم، ڏوهي يا غيرملڪي ڀاڄوڪڙ هوندو جنهن تي اسٽبلشينٽ جو ايمان به نه بيهندو نه ئي اهي پنهنجي محبوبيت جو ئي اعلان ڪندا.

هتي ڳالھه  وري برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسيءَ جي ڪيون جن 17 مهينن ثابت ڪجهھ به نه ڪيو پر شهبار شريف الٽو بي ڏوهي ثابت ٿي ويو، ٻه سال هن کي کنڊ جي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ اندر ڪري ڇا ثابت ڪين جو جهانگير خان ترين وانگي پي ٽي آءِ سڳوري 19 ڪمند جي فيڪٽرين جي مالڪن ڏي نوٽيس موڪليا ته جيئن رڳو جهانگير خان ترين کي بچائي سگهجي، ان ۾ شهباز شريف، حمزا شهباز، مريم نواز ۽ ٻيا زرداري برانڊ جا ڪمند جي فيڪٽرين جا مالڪ به هيا پر ڪيس دٻجي ويو، وري اليڪشن ويجهو ايندي ته ڪيس کڻي ٻاهر ايندا، ثابت ته ڪجهھ به ناهي ٿيڻو ۽ جيڪو ثابت آ انهن ڪيسن کي هٿ به نه ٿا لائن.

ڳالھه  اها آهي ته هن سرڪار پنهنجن سياستدانن کي رڳو بدنام ڪيو آهي، پوءِ اهي براڊشيٽ جا بهانا هجن، پناماليڪس جا بهانا هجن، مني لانڊرنگ جا بهانا هجن، کنڊ جي ڪرپشن جا بهانا هجن يا هن جا مخالف هجن (ڇو ته طالبان وانگي هن شخص کي به رڳو آرمي جي ڊريس ناهي پر ڪم اهي اٿس جيڪي طالبان بنا ورديءَ جي ڪندا ٿا وتن) پر پهرين براڊشيٽ جي ڪري ۽ هاڻي برطانيا جي اين ايس سي (نيشنل ڪرائيم ايجنسيءَ) جي ڪري شهباز شريف جي ته بلي بلي آ، ۽ ٻه سال کنڊ ۽ مني لانڊرنگ جي ڪري هي شهباز ۽ نون ليگ جا اڻ ڳڻيا اڳواڻ جيلن ۾ پيا رهيا، پر ٿيو ڇا؟ هي عمران خان کڻي پنهنجي مدت وڌائي يا کڻي پاڻ وڻائي پر نون ليگ جي سياست کي مضبوط ٿو ڪري، نون ليگ هونءَ به پنجاب ۾ پختي ٿيندي ٿي وڃي يا پنجاب جو ووٽ بئنڪ پي ٽي آءِ جي ڪچي سياست جي ڪري نون ليگ کي موٽائي ملندو ٿو وڃي، جنهن مان اهو ثابت آ ته ڊسڪا کان وٺي ڪنٽومينٽ جي چونڊن ۾ نون ليگ سوڀاري ٿي، پر هن پي ٽي آءِ وارن جا حربا رڳو چور چور ڪري پاڻ کي اڳتي ڪرڻو هيو.

 اصل ۾ ٿيڻ ائين کپندو هيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا پنجاب جهڙي وڏي صوبي ۾ پنهنجي سياست مڃائڻ چاهن پيا ته اهي ڪارڪردگي جي بنياد تي مڃاش ها، هڪ ته هنن بوزدار جهڙو ”سادو“ وزيراعلي پنجاب جهڙي وڏي صوبي کي ڏنو ۽ سڄي ملڪ مان ڪمزور ترين وزيراعلي مضبوط ترين صوبي کي ڏئي پنهنجي موڳي سياست مڃائي ۽ ثابت ڪئي آهي، معني شهباز شريف (جنهن کي پنجاب وارا يا هي نون ليگ وارا پاڻ خادم اعلي چوندا هيا سو ائين حوال نه ڪندا هيا، هن جي دور ۾ پنجاب ۾ اهي سڀ ڪم ٿيا جيڪي ٻين صوبن ۾ اڃان تائين ٿيا ئي ناهن، جنهن ۾ پوليس رفارمز، بس پروجيڪٽس، موٽرويز وغيره وغيره معني هاڻي وري رڳو شهباز شريف جي اهڙي بيگناهيءَ جي ڪري هنن ته قانوني اعلان ڪرائي هي پاڻ کي ڪوڙو ثابت ٿا ڪن، جنهن جو نقصان اهو به آهي ته پنجاب جو ووٽ پي ٽي آءِ وارن کان ويندو ۽ وري به بلي بلي نون ليگ ۽ شهباز شريف جي ٿيڻي آهي.

يا ائين چئون ته سرڪار بوکلائجي وئي آهي جو هن ڪنهن به ڪيس جي ثابتيءَ ۾ ڪنهن به پارٽي جي ميمبر ۽ اڳواڻ يا مقبول سياستدان کي جيل ناهن موڪلي سگهي يا ثابت ناهي ڪري سگهي ته هي جيڪو به چون ٿا اهو سچ آهي، معني ته هنن جي اڳين ڪوڙن وانگي يا اليڪشن کان پهرين ڏنل ڏٽن وانگي هنن جا هي به ڪوڙ ثابت ٿيا ته هنن جا چيل سڀ ڪوڙ سچ ثابت ٿيا ۽ چيل سچ سڀ ڪوڙ ثابت ٿيا، هنن جي ڪنهن به ڳالھه  تي ان ڪري به پَتِ نه ڪجي جو هنن عوام سان دوکا ڪيا، هنن جيڪي چيو اهو سڀ سياسي ڪوڙ هيو، هنن جن کي چور چيو اهي سڀ ساڌو ثابت ٿيا ۽ جن کي ساڌو چيو اهي سڀ چور ثابت ٿيا، معني کنڊ جا بحران، اٽي جا بحران، پيٽرول جا بحران، مني لانڊرنگ، وغيره وغيره سڀ هنن ڪيا، يا جيڪي چور چور ڪري ڀڄائي هنن ڪرسي ولاري اهي سڀ ساڌو نڪتا، پوءِ هنن جي اهڙي ڪوڙي سياست ڪهڙي ڪم جي، هڪ ته اڳي ئي هنن جون پاڙون سُڪي تي، جو هنن وٽ ڪا به موروثي سياست جي پاڙ ناهي ۽ هنن جي ٽيم ۾ سڀ جا سڀ وزير، مشير، امير ۽ ڏاها يا ته نون ليگ جا لوٽا آهن يا پ پ جا لوڌيل آهن پوءِ به انهن جي سياست پائيدار ۽ پختي ناهي ان ڪري وري به  بلي بلي نون ليگ جي هوندي يا پ پ پنهنجي ساخت پختي ڪري ويندي، جو ڳالھه  رڳو فارين پاليسيءَ جي آهي، ته جيڪو به ٻاهرين ملڪن تي ڪلمو ڀري ايمان پختو ڪري ڪرسي ان جي پوءِ هن دفعي هي نه هتان جا رهندا نه هُتان جا، معني نه عوام جا نه ٻاهرين ملڪن جا.

يا اين ايس سي ٻن اڪائونٽن جي منجمد ٿيڻ سان شهباز شريف جو ڪو ڏيوالو ٿورئي نڪري ويو هو، يا اهو به هيو ته نون ليگ وٽ واضع اڳواڻي ناهي يا نون ليگ تري پئجي وئي هئي، پر جيڪو تاثر پي ٽي آءِ وارن جو جڙيو هو سو خراب ضرور ٿي ويو، معني هنن جيڪي تڪڙ تڪڙ ۾ چونڊون کٽي ورتيون، جنهن ۾ ڪشمير جي اليڪشن يا ان کان اڳ گلگت بلتستان جون چونڊون (جيڪي هر دفعي انهن کي ئي ملنديون آهن جيڪي اقتدار ۾ هوندا آهن) يا هنن سيالڪوٽ مان صوبائي اليڪشن کٽي ورتي، ان کانپوءِ هي اهو پيا سمجهن ڄڻ هنن ملڪ فتح ڪيو هجي، يا هنن پي ٽي آءِ وارن کي اهو به وهم آهي ته هي بيو ٽرم به ڪڍي ويندا، پر اهڙو تاثر ۽ ڪاميابي تڏهن سربستي هجي ها جڏهن هي ٻيا ڪم به سڌا ڪن ها، معنيٰ مهانگائي ۾ ڦاٿل عوام کي ڪو رليف ڏين ها، انهن سان ڪنٽينرن تي ڪيل واعدا وفا ڪن ها، پر هي ڪو به واعدو وفا نه ڪري سگهيا، يا هي چور پڪڙيندا پر اهو به پاڻ ثابت ٿيو ۽ هنن جي سچا، کرا ۽ ايماندار چور نڪري پيا، وري ڪشمير جي ڪوڙن نقشن ۾ به ڦاسي پيا، يا افغان پاليسي به هنن جي ڳچيءَ جو ڦندو ٿيندو، ڇو ته اهڙو ڪو به سچ ناهي جيڪو ڪوڙو ثابت نه ٿيو هجي يا اهڙو ڪو سچ ناهي جيڪو هنن جو ڪوڙ ثابت نه ٿيو هجي.

 ان ڪري نون ليگ ۽ خاص ڪري شهباز شريف جي بي ڏوهي هجڻ جي ثابتي به اهو ثابت ٿي ڪري ته نون ليگ وارا وري سرخرو ٿيندا ۽ چور چور ڪرڻ وارن کي چور ثابت ڪندا، ڇو ته نون ليگ وارا بدلي جي سياست ضرور ڪندا آهن جو 90 دوران حڪومت ۾ اچڻ سان ئي هنن زرداريءَ کي ڏھن سالن لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو هيو، پوءِ اهو به ثابت ٿيندي ٿيندي وقت لڳي ويو هيو، ساڳي ڪار هنن پي ٽي آءِ وارن سان ڪندا ۽ پاڻ پنجاب جي سياست ۾ ايماندار، امين، صادق ۽ سرخرو ثابت ٿيندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.