آءِ ايم ايف جا 5 شرط، سي اين جي مهانگي،تيل اگهه و ڌي سگهن ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي 5 سالن جي ڪارڪردگي سان اپوزيشن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا، اهو ئي سبب آهي جو گهڙي گهڙي حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن.اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ کان 50 سيڪڙو سستا روڊ ٺاهي رهيا آهيون، ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت تي هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، اهو پئسو ڪنهن ڪنهن جي کيسن ۾ ويو؟ پاور پراجيڪٽ ۾ ڪيترو پئسو لڳڻو هو، ڪيترو پئسو ٺهيو؟هن چيو ته موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ قرض واپس ڪيا، مهانگائيءَ جي ٻوڏ ٻاهران اچي رهي آهي، تيل اگهه اڃا وڌڻ جو خدشو آهي، عوام کي اعتماد هجڻ گهرجي ته هن ڏکئي وقت مان به نڪرنداسين، سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، جنهن سان سپلاءِ متاثر ٿي.سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ووٽنگ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڇو نٿي چاهي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اپوزيشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان ڇو ٿي ڊڄي، ٽيڪنالاجي اهڙي ٿي وئي آهي جو ڪو به ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهي، ڪو به ڪوڙ ڳالهائي ته گوگل تي چيڪ ڪري سگهو ٿا.وزيراعظم موجب لنڊن ۾ ويٺل شخص ڏک جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان جون حالتون خراب آهن، هو لنڊن جي محلن ۾ پيو رهي، وڏيون گاڏيون هلائي رهيو آهي، اهو پئسو هتان ويو، 5 سالن کانپوءِ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏٺي ويندي، انهن کي خطرو آهي ته سندن دڪان نه بند ٿي وڃن، هوڏانهن ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين انڪشاف ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف ڊيل کان اڳ 5 اڳواٽ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي اگهن ۾ اضافي جو مطالبو پورو ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جا بل تيار ڪيا ويا آهن، قانون واري وزارت مسودي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ڪرنسي ريٽ ۽ مانيٽري پاليسي اسٽيٽ بئنڪ جي دائري ۾ آهن

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي ۽ آر ايل اين جي صارفين لاءِ خراب خبر، گئس جي قيمت ۾ 20 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي. گئس جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ڪالهه کان سي اين جي ۽ آر ايل اين جي جي قيمت 200 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. اسٽيشن مالڪن شهر ۾ گئس جي نئين قيمت لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ گئس جي قيمت 180 رپيا في ڪلو ڪئي پئي وڃي. آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته سي اين جي تي جي ايس ٽي وڌائي وئي آهي. اڳ ۾ جي ايس ٽي 11 رپيا 86 پئسا في ڪلو هو، هاڻي ان کي گهٽائي 21 رپيا 77 پئسا ڪيو ويو آهي جيڪو غير قانوني آهي. چيئرمين آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن پڻ مطالبو ڪيو آهي ته آر ايل اين جي تي جي ايس ٽي کي فوري طور تي 5 سيڪڙو ڪيو وڃي. ان کان اڳ سيپٽمبر 2021ع ۾ گئس جي قيمت 150 رپيا في ڪلو مان وڌائي 180 رپيا ڪئي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.