نواز شريف ۽ مريم جو شجاعت جي پٽ کي فون، حمزا شهباز اسپتال پهتو

لاهور( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز چوڌري شجاعت جي پٽ چوڌري سالڪ سان رابطو ڪري شجاعت جي طبعيت پڇي آهي، جڏهن ته حمزا شهباز به اسپتال پهچي عيادت ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چوڌري سالڪ کان شجاعت حسين جي طبعيت بابت پڇا ڪئي. نواز شريف چيو ته چوڌري شجاعت نڀائڻ جي علامت آهي. مريم چيو ته اسان سندس صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. هوڏانهن حمزا شهباز به اسپتال پهچي چوڌري شجاعت جي طبعيت پڇي آهي. ان دوران پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي به موجود هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.