حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ڪات اُڀا ڪري ڇڏيا، ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي سميت ٻيا بل تيار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان سان ايندڙ ڊيل لاءِ 5 مطالبا پورا ڪرڻ جا شرط رکي ڇڏيا، جن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري به شامل آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان جلد ڊيل ٿي ويندي، آءِ ايم ايف ڊيل کان اڳ 5 اڳواٽ قدمن جو مطالبو ڪيو آهي، جن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو، اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري به شامل آهي، جڏهن ته بجلي اگهن ۾ واڌ جا مطالبا پورا ڪري چڪا آهيون.

هن چيو ته ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري جا بل تيار ڪري ورتا آهن، قانون واري وزارت قانوني بلن جي مسودي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، ڪرنسي ريٽ ۽ مانيٽري پاليسي اسٽيٽ بئنڪ جي دائري ۾ آهي.

سندس چوڻ هو ته هن سال اوسر جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي، اسان غريبن کي امداد ڏينداسين ۽ انهن کي بنا وياج قرض فراهم ڪنداسين، ايندڙ 4 سالن ۾ حڪومت 1400 ارب رپيا ڪامياب پاڪستان پروگرام تي خرچ ڪندي.

شوڪت ترين چيو ته ڪامياب جوان پروگرام لاءِ ايندڙ 4 سالن ۾ هڪ سئو 40 ارب رپيا قرض ڏينداسين، احساس پروگرام لاءِ 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ احساس راشن لاءِ 350 ارب رپيا رکي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.