ميان صاحب ڀرسان جهيڙو، فائرنگ، 4 زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڪارنهن مامري تان ڳوٺ تي فائرنگ ، خوف ، لٺيون لڳڻ سبب نينگري سميت 4 ڄڻا زخمي ڪيس داخل نہ ٿيو ،  تفصيل موجب : ميان صاحب ڀرسان جهان واهہ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان محمد ڀٽي ۾ ڪارنهن جي مسئلي تان کوسا ۽ ڀٽي برادري جي ڪالهہ هٿياربندن فائرنگ ڪئي ، هٿياربندن جي حملي ۾ لٺيون ۽ بندوقن جا ڪنداق هڻي ٽن ڄڻن اظهر پٽ رستم علي ڀٽي ، سندس ڀيڻ 15 ورهين جي رخسانا خاتون ، زاهد پٽ غلام سرور ڀٽي ۽ شعيب ڀٽي زخمي ٿي پيا ان سلسلي ۾ غلام سرور ڀٽي ۽ ٻين دانهيو آهي تہ کوسا برادري جي عمر کوسو جي ڌر جي هٿياربندن اسان جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ زمين تي ڪم ڪندڙ نينگري سميت چئن ڄڻن کي لٺيون هڻي زخمي ڪيو آهي ۽ اسان جو چوپايو مال پڻ کوسا ڪاهي ويا هئا جيڪو بعد ۾ علائقي جي چڱن مڙسن واپس ڪرايو آهي ان حوالي سان جهان واهہ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو تہ ڌرين ۾ جهيڙي جو اطلاع مليو آهي پر ڪو بہ ماڻهو ٿاڻي تي ناهي آيو ڪوئي آيو تہ ڪيس داخل ڪندا سون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.