شوڪت شوري جهڙا ليکڪن صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن: اديب

سنڌڙي (ن ع آ)سنڌي ادبي سنگت سنڌڙيءَ جي دستوري گڏجاڻي امير بخش شر ميموريل لائبريري ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ ڏات ڌڻين پاران پنھنجون نڪور تخليقون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ  سنڌ جي نامياري اديب شوڪت حسين شوري جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ۽ کيس تعزيتي ڀيٽا ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي جيرامداس اٻوجھي چيو، تہ ڄامشوري ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ شوڪت شوري کي روبرو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو، ھو ادبي گڏجاڻين ۾ تخليقڪارن جي رھنمائي ڪندو هو. تنھا واجد ڪنڀر چيو تہ اڪثر ڪھاڻيڪار شوڪت شوري کان پنھنجن ڪتابن جو مھاڳ لکرائڻ پسند ڪندا ھئا. شوڪت شوري جھڙا اديب صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. حسيب ڪانھيي چيو تہ شوڪت شورو ھڪ ڪميٽيڊ اديب هو. ان موقعي تي سانگي شبير ڪنڀر، شوڪت حسين شوري جي لکيل ڪھاڻي "اکيون روئي پيون” پڙھي ٻڌائي. گڏجاڻيءَ جي آخر ۾ ناظم جوکيي جي شھادت واري افسوسناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. حسيب ڪانھيي چيو تہ ھن وقت جڏھن عالمي سطح تي ماحوليات جي بھتريءَ لاءِ سڌريل ملڪ ڪانفرنسون ڪرڻ تائين محدود آھن، ۽ اسان وٽ ناظم جوکيي جھڙا جوان پکين جي بچاءَ لاءِ پنھنجي جان بہ گھوري ٿا ڇڏين. ناظم جي قرباني عالمي سطح جي قرباني آھي. قربان شر چيو، تہ پکين جي بچاءَ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. آتم مل چيو، تہ پرڏيهين تي سنڌ ۾ شڪار ڪرڻ جي پابندي لڳائڻ سان گڏوگڏ پنھنجن ماڻھن کي بہ شڪار کان روڪڻو پوندو. ان موقعي تي قربان شر ۽ شڪيل شر ناظم جوکيي جي شھادت جي حوالي سان کيس منظوم ڀيٽا پيش ڪئي.آخر ۾ گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندڙ ميرپورخاص جي شاعر تنھا واجد ڪنڀر پنھنجا نڪور غزل پڙھي سڀني تي پنھنجي ڏات جو سحر طاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.