راڻا شميم پئسا کاڌا آهن، کيس سخت سزا ملڻ گهرجي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) اينڪر پرسن ڪاشف عباسي جج راڻا شميم جي حلفي بيان تي سوال اٿاري ڇڏيا، هن چيو ته اڳوڻو جج ايتري عرصي تائين خاموش ڇو رهيو، نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ ۽ راڻا شميم جو حلفي بيان هڪ ئي هنڌ تان نوٽري ڇو ٿيو، ڇا لنڊن دوري دوران اڳوڻي جج جي نوازشريف سان ملاقات ٿي، پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته راڻا شميم ايتري عرصي تائين خاموش ڇو رهيو، انصاف جو مذاق اڏايو پيو وڃي، هر ڳالهه جي هڪ حد هوندي آهي، نواز دور ۾ اهڙن ماڻهن کي چونڊي منصبن تي ويهاريو ويو، هن چيو ته جسٽس(ر) راڻا شميم کي نوازشريف پئسا ڏنا آهن، ن ليگ جي محمد زبير چيو ته راڻا شميم جي نوازشريف سان لنڊن ۾ ملاقات ناهي ٿي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.