ڀٽائي جو پارکو، اداري جهڙي شخصيت پروفيسر عبدالستار سومرو

تحرير؛ساجد مسڻ

پروفيسر عبدالستار سومرو جو جنم 16نومبر 1975ع ۾ هڪ استاد ۽ عالم گهراڻي ۾ ٿيو.سندس ڏاڏا سائين مولوي عطا محمد سومرو پنهنجي دور جو وڏو عالم، فقيري صفتن جو مالڪ هو ۽ شاعري سان پڻ گهرو لڳاءُ رکندو هو.

ادب سان لڳاءُ ۽ شاعري سان دلچسپي ته کيس ڇهين ڪلاس  کان ئي هئي، شاگردي واري زماني ۾ مختلف موقعن تي شعر پڙھڻ، مختلف دوستن سان ڪچھري ڪرڻ سان ادبي ذوق وڌندو ويس،انهيءَ کان سواءِ پاڻ وقتن به وقتن پرائمري اسڪول کان وٺي، نصيرآباد ھاءِ اسڪول ۾ تقريرون ڪري پوزيشنس به کڻندو رھيو.سچائي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان سخت محنت ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڻ ڪميشن جو پھريون امتحان پاس ڪري سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار ڊگري ڪاليج نصيرآباد ۾ مقرر ٿي آيو.

سائين ستار سومرو جي اها سماج سڌارڪ واري خوبي متاثر ڪندڙ هوندي آهي جو ڪير به وٽس ڪم سان ويندو آهي ته هو ان کي نااميد نه ڪندو آهي، جڏهن به ساڻس نصيرآباد ڊگري ڪاليج ۾ ملڻ ٿيو آهي ته کيس ڪاغذ اٽيسٽ ڪندي،شاگردن جي والدين جا مسئلا ٻڌندي، حل ڪندي، شاگردن توڙي شاگردياڻين کي سيکاريندي،سمجهائيندي، ٻڌائيندي، رهبري، رهنمائي ڪندي، صلاح مشورا ڏيندي، حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همت افزائي ڪندي،ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪندي مصروف ئي ڏٺو آهي.

پروفيسر عبدالستار سومرو جي ادبي سڃاڻپ لطيف پرست يعني لطيف شناس واري آهي، پاڻ لطيف جو سچو عاشق آهي،مون کيس ڪاليج ۾ لطيف جو ڏهاڙو ملهائيندي وڏي جوش، جذبي، خوشي ۽ فخر مان شاگردن سان گڏ جهومندي ڏٺو آهي،جيڪو عمل لطيف سان سندس بي انتها محبت جو اظهار ۽ ثبوت پڻ آهي.

ھن وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور نصيرآباد ڊگري ڪاليج ۾ علمي،ادبي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي کيس اڻويهه سال ٿي چڪا آهن.سندس پھريون ڪتاب لطيفيات تي سمنڊ سيويو جن 2019ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن کي هو ھڪ ننڍي وک سمجهي ٿو.

وقت جي نزاڪت سان گڏوگڏ سندس تعليمي ۽ سماجي خدمتون وڌنديون رهيون، اهڙي طريقي سان پاڻ 9 مارچ سن 2006ع ڀٽائيءَ جي فڪر پيغام جي ڦهلائڻ جي لاءِ نصيرآباد شهر اندر "شاهه لطيف تحقيقي بورڊ” نالي ادارو جوڙيائين، جنهن پليٽ فارم تان ھن عالمن کان وقت به وقت شاهه جي مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام ڪرايا آهن، جن ۾ سنڌ جي نامياري محقق سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، تاج جويو، اصغر سنڌي، عادل عباسي، سڪندر عباسي، وغيره شامل رهيا آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ نصيرآباد سان سندس ادبي تعلق 1996ع کان جڙيو آهي، جنهن ۾ پاڻ ميمبر طور ڪم ڪيو آهي، اڳتي هلي سڀ کان پهريون ڀيرو پاڻ نصيرآباد شاخ جو سيڪريٽري جنرل 1998-99 ۾ ٿيو، ان دوران نصيرآباد شاخ جي سڃاڻپ سنڌ ۾ نه جھڙي ھئي، جنهن کي هن پنهنجي وس آهر سرگرم ڪيو، سڀ کان پهريون يادگار ليڪچر پروگرام سنڌ جي نامياري ليکڪ جامي چانڊيو کان "سنڌي سماج ۽ اسان جون ذميداريون” جي عنوان سان مين پرائمري اسڪول ۾ ڪرايو، جنهن ۾ تر جي باشعور ماڻهن جي  شرڪت وڏي انگ ۾ رھي.

جنهن کانپوءِ هن پنهنجي ئي ٽينيوئر دوران ھفتيوار تنقيدي گڏجاڻين جو باضابطا سلسلو شروع ڪيو،جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ڪونه ڪو اسم کڻي اچي وڏي چاهه سان شرڪت ڪندا هئا.ليڪچرن جي سلسلي کي جاري رکندي سنڌ جي قومي ڏاھي، جديد قوم پرست جي بانيڪار ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي عالم سائين جي ايم سيد تي مرحوم خاڪي جويي کان "سائين جي ايم سيد بحيثيت مفڪر” جي عنوان تي ليڪچر ڪرايو، جنهن ۾ ٻن سيد جي عاشقن جي به تمام گهڻي شرڪت رھي.

انهيءَ کان علاوه جڏهن پاڻ شاھ لطيف تحقيقي بورڊ قائم ڪيو هيائين ته انهيءَ پليٽ فارم تان سنڌ جي ناليواري صحافي، اديب عالم، ليکڪ، محقق، ماهر آثارِ قديما ۽ لطيف جي پارکو انور پيرزادي جو جنم ڏينهن پڻ ملھايو هيائين.

2007ع ۾ نصيرآباد س ا س شاخ جو مرڪز طرفان مرڪزي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي ڪري شاخ جو الحاق رد ڪيو ويو.شاخ جي بحالي لاءِ کيس هڪ ڊگهي  جدوجهد ڪرڻي.

لائبريري کي پاڻ انڊسٽري جيتري اهميت ڏئي ٿو، جيئن ڪنهن ملڪ جي فلم انڊسٽري مان ڪيترا ئي وڏا فنڪار، اداڪار، ڊائريڪٽر، موسيقار پيدا ٿيندا آهن، اهڙي طرح لائبريري به علم ۽ ڏاهپ جي انڊسٽري آھي، جتان ڪيترائي تخليقي ذهن، قلمڪار، شاعر، ڏاها، مفڪر ۽ سماج سڌارڪ پيدا ٿيندا آهن.

نصيرآباد جي نوناري محله ۾ ڪامريڊ جميل شيخ جي طرفان "موئن جو دڙو پبلڪ لائبريري” کولي وئي، جنهن جي سنڀالڻ جي ذميواري  پڻ سندن تي رکي وئي جنهن کي پاڻ پابندي سان ڪافي عرصو سنڀاليو.

انهيءَ کان سواءِ جتي پاڻ هاڻي استاد آهي، ان ڪاليج جي لائبريري جي عارضي بنيادن تي سن 2017ع ۾ کيس چارج ڏني وئي، جنهن کي پاڻ وڏي محنت ۽ محبت سان 2020ع تائين سنڀاليندو رهيو.پروفيسر ستار سومرو سڀ کان پهرين اهو ڪم ڪيو جو لائبريري کي سنڌ جي انقلابي شاعر شيخ اياز جي نالي سان "شيخ اياز لائبريري "جو نالو ڏنو.پاڻ پنهنجي وس آھر نصيرآباد ۾  ٿيندڙ لٽريچر فيسٽيول مان ڪتاب خريد ڪري لائبريري ۾ ڪاليج انتظاميا طرفان ڏيندو رھيو آھي. هن وقت تائين کيس کوڙ ساريون اعزازي ڪاپيون مليون آهن، اھي به پاڻ ڪاليج جي لائبريري کي ڏيندو رھيو آھي ۽ اڃان به سندس اھا ادبي ڪرت جاري ۽ ساري اٿس.

ھن وقت پاڻ لطيفيات تي رسرچ جاري رکندو آيو آهي، جنهن ۾ پاڻ شاهه لطيف جي شاعري ۾ حاضر جوابي،شاھه جي سر سسئي جي پنجن سرن جو جائزو،ماري جي وطن دوستي، شاهه جي شاعريءَ جو سماجي تنقيدي شعور،شاهه لطيف کي سنڌي شاعريءَ ۾ ڏنل ڀيٽا،شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ لطيف کي ڏنل ڀيٽا،جهڙن موضوعن تي لکي چڪو آهي، جيڪو هڪ ٻئي ڪتاب جيترو مواد تيار ٿي چڪو آهي، جلد هڪ ٻيو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آڻيندو.

علامه آء آء قاضي چيو آهي ته "سُر سُهڻي شاه لطيف جي فڪر جو معراج آهي” اهو ئي سبب آهي جو علاما صاحب زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سُر سُهڻي جي وائي جو هي وراڪو يا هي سِٽِ اڪثر پڙهندو هو ته "ڪهڙي منجھه حساب هئڻ منهنجو هوت ري".

پر پروفيسر ستار سومرو پنهنجي تحقيق جي آڌار تي هي نئين ڳالهه ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته شاهه جي فڪر جو معراج سُر سسئي آهي.جنهن کي شاھ صاحب پورن پنجن سُرن ۾ ڳائي هڪ عظيم فڪر پيغام ۽ زندگي جو حقيقي فلسفو ڏنو آهي ۽ اهو پڻ چيو آهي ته جنهن سسئي کي سمجهو ڄڻ منهنجي اندر کي سمجهو.

پيهي   جا   پاڻ   ۾   ڪيم   روح   رهاڻ.

نه ڪو ڏونگر ڏيهھ ۾ نڪي ڪيچن ڪاڻ.

پنهون  ٿيس پاڻ  سسئي  تان  سور   هيا.

ان کان علاوه پاڻ سنڌ جي نامور شخصيتن جن ۾ ابراھيم جويو، سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، سراج، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علاما آءِ آءِ قاضي، عبدالواحد آريسر، شھيد انيس سومرو، مسڪين جھان خان کوسو، لطيف جو عاشق فقير امداد علي سرائي،  تي پڻ ڪم ڪري رھيو آھي.

انهيءَ کان علاوه پاڻ سنڌ جي عالمن،عاشقن شاعرن، محققن ۽ لطيف جي پارکن جي لکيل ڪتابن تي جيڪي تبصرا ڪيا آهن، انهن تي پڻ هڪ الڳ ۽ جامع ڪتاب تيار ٿي چڪو آهي، جيڪو آخري مرحلي ۾ آھي.

لطيف چواڻي ته"ڏينهن مڙوئي ڏون اٿي لوچ لطيف چئي،

جھڙي حقيقي زندگي جي تشريح ڪندڙ ھن لافاني سٽ تي عمل ڪندي ايئن ٿو محسوس ٿي ته مختصر لفظ وڏو آهي، زندگي اڃان به مختصر آهي.جنھن ڪري ان مختصر زندگيءَ کي معني’ ۽ سونهن بخشڻ جي لاءِ جيترو ٿي سگهي ڪم ڪجي، ڇو ته ڪم گھڻو آهي ۽ وقت گھٽ آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.