خان صاحب…گھٻرائڻو ناهي!

تحريرۡ؛شفيق الرحمان شاڪر

عوام کي صبح سانجھيءَ ”گھٻرائڻو ناهي” جو درس ڏيندڙ وزير اعظم عمران خان جي پنهنجي گھٻرائڻ جو وقت پهچي چڪو آهي ۽ هن وقت هو گھڻو گھٻرايل نظر به اچي رهيو آهي.هٿرادو طريقي سان جن معمارن هن “ جمهوري” حڪومت جي عمارت اڀي ڪئي هئي ان ۾ لڳل سرون هاڻي آهستي آهستي پنهنجي جاءِ ڇڏي رهيون آهن ۽ ان عمارت ۾ پيل هڪ وڏو ڏار صاف نظر اچي رهيو آهي.

هن پياري ملڪ سان ويڌن اها ئي آهي ته هتي جمهوريت کي سندس اصل صورت ۽ روح مطابق ڪڏهن به هلڻ ناهي ڏنو ويو.رياستي ادارن پنهنجي طور تي ملڪ ٺهڻ کان هن وقت تائين عوام دشمنيءَ واري هلت ڪڏهن به ترڪ ناهي ڪئي.اهو ئي سبب آهي جو جنهن کي به تنجي مکي ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي ٿو ان کان پهريون شرط ئي اهو ٿو مڃرايو وڃي ته هن ملڪ ۾ ٿيندو اهو ئي جيڪي هن ملڪ جا “ اصل واڳ ڌڻي” گهرندا.

ان سموري راند جو نتيجو اسان سڀني جي سامهون آهي.اهي قومون ۽ ملڪ جن اسان کان پوءِ آزادي حاصل ڪئي اهي ترقيءَ جي هر ميدان ۾ خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا ۽ اسان آهيون جيڪي اڃا تائين ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهيون.رياست ڪٿي آهي؟ جڏهن لاقانونيت، بد عنواني ۽ ڏاڍ مڙسي روزمره جو وهنوار بڻجي وڃي ۽ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون عملي طور تي تسليم ٿيل هجي ته پوءِ چئبو ته هتي رياست نالي ڪنهن شيءَ جو وجود آهي ئي ڪونه.هن همراه کي به ڳولهي ڦولي،تن جي مکي آڻي تخت تي ويهاريائون ۽ ماڻهن ۾ ان تاثر کي پکيڙيو ويو ته گذريل سمورا حڪمران چور هئا ۽ هاڻوڪو صاحب نهايت ئي صادق ۽ امين آهي. بس هاڻي ملڪ توڙي عوام جا ڀاڳ ٽڙي پوندا ۽ اسان ٽپو ڏيئي خوشحاليءَ جي مريخ تي پهچي وينداسين پر دنيا ڏٺو ته هن پر متڙئي ۽ غير تجربيڪار رانديگر ملڪ جي اهڙي ته ستيا ناس ڪئي جو ماڻهن جون رڙيون نڪري وييون ۽ سندس ڪيل اهو وعدو پورو ٿيو ته “ آئون انهن سڀني کي روئاڙيندس”. بهرحال نااهلي ۽ ناتجربيڪاريءَ سان گڏ جيڪر غرور،تڪبر ۽ گھمنڊ به موجود هجي ته پوءِ رياستي معاملا سلجھڻ بدران وڌيڪ منجھندا ويندا آهن.انهن عيبن سان هڪڙو ننڍڙو دوڪان به هلائي نٿو سگھجي سو هيڏو وڏو ملڪ ڪيئن ٿو هلي سگھي.

اها حقيقت هاڻي صاحب کي “چونڊيندڙن” کي به سمجھه ۾ اچي چڪي آهي پر گھڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ پنجاهه سال پوئتي هليو ويو آهي. هر وقت خان صاحب جي مدح ۾ گيت ڳائڻ واريون زبانون به هاڻي خاموش ٿي چڪيون آهن.آخر نيٺ هن بار مان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.دير رڳو ان ڪري پيئي ٿئي ته اڳيان ڇا ڪجي؟تحريڪ عدم اعتماد يا نيون چونڊون؟اصل واڳ ڌڻين کي به اصل الڪو اهو ناهي ته هن حڪومت عوام سان ڪهڙي ويڌن ڪئي آهي پر اصل معاملا ڪجهه ٻيا آهن جن جو مظهر پنڊي ۽ اسلام آباد وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ آهي.عمران خان جي اوچتو عدالتن ۾ طلبي به ان جنگ جو حصو آهي.

ميان نواز شريف جو ڪجهه معاملن تي ڪيل ضد هن حڪومت کي آڪسيجن مهيا ڪري رهيو آهي نه ته جيڪر ميان صاحب ڪجهه لچڪ جو مظاهرو ڪري ته واڳ ڌڻين کي ميان صاحب جون سڀ اوڻايون پوڻايون معاف ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل درپيش ڪانهي.اهي ڪوششون تيزيءَ سان جاري آهن ته ڪنهن به طرح ميان نوازشريف کي ڪنهن طرح رضامند ڪري اڳتي وڌڻ جي راهه ڳولهي وڃي ۽ اها راهه في الحال عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي صورت ۾ ئي نظر اچي ٿي.کيس بچائڻ وارن نه رڳو منجھائس هٿ ڪڍي ڇڏيا آهن بلڪه کيس زوراتو ڌڪو ڏيڻ لاءِ اپوزيشن جا هٿ ڳولهي رهيا آهن.ان سموري عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ جيڪر اهو پلان اڳتي وڌي ٿو ته ڪجهه ئي عرصي ۾ پهرين تحريڪ عدم اعتماد سينيٽ جي چيئرمين خلاف ايندي جيڪا اهو ثابت ڪرڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي ته ايمپائير نيوٽرل ٿي چڪا آهن.

انهيءَ ئي پلان هيٺ حڪومت جا اتحادي قسمين قسمين راڳ آلاپڻ ۽ شڪوه شڪايتن جا داستان ٻڌائڻ شروع ڪندا ۽ ڪجهه انصافي وزيرن جو ضمير پڻ اوچتو بيدار ٿي پوندو۽ اهڙيءَ طرح پنهنجن ”مهربانن“ جي اشارن تي هرڪو پنهن جي حصي جو ڪوڪو خان صاحب جي وزارت عظميٰ واري ڪرسيءَ جي تابوت ۾ ٺوڪي ڇڏيندو ۽ پوءِ ”نه رهيگا بانس نه بجي گي بانسري“.اهو وقت تمام ويجھو اچي چڪو آهي.خان صاحب وٽ ڪيترائي پتا اڃا تائين سنڀالي رکيل آهن پر شايد هاڻي کيس کيڏڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي جو ”راند ختم ٿي چڪي آهي”.

پوري قوم کي هر وقت ”گھٻرائڻو ناهي“ جو درس ڏيندڙ خان صاحب کي قوم جي صلاح اها ئي آهي ته ”خان صاحب،اوهان لاءِ هاڻي ڏکيو وقت اچي چڪو آهي پر گھٻرائڻو ناهي!“.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.