بيان ثاقب نثار خلاف آيو ۽ روئي وري فواد چوڌري پيو: پرويز رشيد

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي اڳواڻ پرويز رشيد وفاقي وزير فواد چوڌري تي چٿر ڪندي چيو آهي ته حلفيه بيان ثاقب نثار خلاف آيو آهي ۽ روئي وري فواد چوڌري رهيو آهي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي هر ڏوهاري ماڻهو جو ترجمان بڻجي تڙپندو رهندو آهي.ٻي طرف ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته آئون اهڙي ڪا به ڳالهه ڪرڻ نه ٿو چاهيان جيڪا توهين عدالت جي ذمري ۾ اچي، پر ايترو ضرور چوندس ته ماضي ۾ جيڪي به فيصلا آيا انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نواز شريف سان ڪيسن ۾ امتيازي سلوڪ رکيو ويو، نواز شريف کان ته سندس پيءُ جي 40 سالن جو به رڪارڊ پڇيو ويو ته گلف اسٽيل ڪيئن لڳي ۽ هو سعودي ڪيئن پهتو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.