سجاول ۾ناري سان اجتماعي لڄالٽ، ڪيس داخل

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو) سجاول ڀرسان ناري سان اجتماعي لڄالٽ ۽ تشدد جو انڪشاف، جاتي روڊ ڀرسان قائم ڳوٺ حاجي اڱاريو سھتو ۾ 25 ورهين جي (ح )ڌيءَ عبدالمجيد سهتو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو ته رات دير سان گهر ۾ مردن جي غير موجودگي ۾ برادري جا چار بااثر گهر گهڙي داخل ٿي ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، متاثر ناري جي سوشل ميڊيا تي بيان بعد ايس ايس پي سجاول واقعي جو نوٽيس وٺندي. ايس ايڇ او سجاول کي متاثر ناري کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪيو وڃي. جنهن بعد سجاول پوليس ناري کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تعلقا اسپتال انتظاميا ناري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڪراچي اماڻي ڇڏيا آهن. ٻئي طرف ناري جي ڀاءُ مرتصيٰ سهتو جي فرياد تي سجاول ٿاڻي تي چئن ڄڻن ڌڻي بخش سهتو، حيدر، موسيٰ ۽ رضا خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.