نوازشريف کي سڀ کان وڌيڪ رليف عدليه مان مليو: حڪومتي سينيٽر

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جا اربين رپيا ڦري ڀڄي ويندڙ ڏوهارين کي معاف نه ڪرڻ گهرجي، سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو ته ڏوهاري ماڻهن ۽ سياستدانن ۾ فرق هجڻ گهرجي، اعليٰ عدليه نواز شريف کي ڪوڙو ۽ بدديانت قرار ڏنو، 17 نومبر تي پيشي لڳڻ واري آهي، مريم نواز ان کان بچڻ چاهي ٿي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته سياست ۽ جمهوريت جي بهتري لاءِ عدالتي ۽ چونڊ سڌارن جا خواهشمند آهيون، پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪندڙ ايوان مان ڀڄي وڃن ٿا، انهن کي بي نقاب ڪنداسين، انهن جي واتان عدليه جي بالادستي جي ڳالهه ٻڌي حيرت ٿئي ٿي، اهي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪن ٿا، انهن کي سڀ کان وڌيڪ ريليف ڏنو، سزا يافته ڏوهاري عدليه کان ريليف وٺي مفرور ٿي ويو آهي، ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ چيو ته عدليه جي شفافيت وائکي ٿي وئي، راڻا شميم معاملي تي ڪميشن جوڙي وڃي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان قانونسازي بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون تجويزون قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي موڪلي ڇڏيون آهناسان ملڪ جي وسيع تر مفاد، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي لاءِ انهن جي ڳالهه کي تسليم ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.