قسم نامو: پي ٽي آءِ ۽ طاقتور ڌرين ۾ ڇڪتاڻ يا ٻيو ڪجهه؟

اسلام آباد(م ڊ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج رانا شميم جي انڪشافن بعد ملڪ جي سياسي ۽ عدالتي ڌرين ۾ هلچل مچي وئي آهي، مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن، ڪجهه ڌريون پي ٽي آءِ  ۽ مقتدر قوتن وچ ۾ ڇڪتاڻ جي نظر سان ڏسي رهيو آهن ۽ ان کي تحريڪ انصاف جي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏيئي رهيون آهن، حلف نامي جي هڪ شي پراسرار  بڻجي وئي آهي ۽ واضح نه ٿي سگهي آهي ته رانا شميم اهو حلف نامو ڪٿي جمع ڪرايو آهي ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ لکيو ويو آهي؟ هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا شميم جو چوڻ آهي ته آئون اهو نه ٻڌائيندس ته قسم نامو ڪڏهن تيار ڪيو ويو ۽ ڪنهن کي ڏنو ويو؟ پر  اهو ضرور چوندس ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون عدالتون پاڪستاني سپريم ڪورٽ جي ماتحت نه آهن، ڪجهه ڌريون اهو به چئي رهيون آهن ته جيڪڏهن رانا شميم کي سڄي خبر هئي ته پوءِ ايترا سال خاموش ڇو رهيو؟ ڳالهه راز ۾ ڇو رکي، چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف قانوني رستو اختيار ڇو نه ڪيو؟ قانوني ماهر شاهه خاور جو چوڻ آهي ته ججن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ هوندو آهي، ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي رانا شميم سپريم ڪائونسل ۾ شڪايت ڪري آرٽيڪل 209 تحت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ها پر هن قانوني رستو اختيار نه ڪيو، اهو به نه ٿو ٻڌايو وڃي ته قسم نامو ڪٿي جمع ڪرايو آهي ان جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته ن ليگ عدالتن مان پنهنجي مرضي جا فيصلا وٺڻ چاهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.