مٺي: ڊرينيج اسڪيم تباهه، گندو پاڻي رستن تي بيهجي ويو

 

مٺي شهر  ۾ قائم ڪيل ڊرينيج اسڪيم مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، ڊرينيج اسڪيم جا موٽر خراب هجڻ ڪري شهر مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو.

مسلم سراڻ ڪالوني ۾ قائم ڊرينيج  اسڪيم جا موٽر هڪ مهيني کان خراب هجڻ ڪري شهر ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي جو سسٽم بند ٿي ويو ملازمن پاران پبلڪ هيلٿ کاتي کي شڪايت ڪرڻ باوجود هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو، جنهن سبب شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو.

ڊرينيج اسڪيم تباهه هجڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهجي ويو جنهن سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.