تلسي جي تيل جا خوبصورتي لاءِ اڻ ڳڻ فائدا

تلسي جي تيل جا خوبصورتي بابت ڪيترائي بي شمار فائدا آهن جن کي ڄاڻي ۽ انهن جو باقائدگي سان استعمال عورتن جو وڏو مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو.

تلسي جي تيل ۾ وٽامن ڪي، اينٽي آڪسيڊنٽ جون خاصيتون وڏي مقدار ۾ موجود هونديون آهن.

تلسي جو استعمال دوائن ۾ به ڪيو ويندو آهي پر ان جو وڌيڪ استعمال جڙي ٻوٽين مان ٺهيل دوائن ۾ ڪيو ويندو آهي.

ماهرن موجب تلسي جي تيل جو سڀ کان وڏو ۽ پهريون فائدو ڪرندڙ وارن کي روڪڻ ۽ چمڙي کي قدرتي طور تي صاف شفاف بڻائڻ آهي.

انکانسواءِ تلسي جو تيل چمڙي جي ڪهڙي به حصي ۽ وارن جي پاڙن ۾ لڳائڻ سان رت جو وهڪرو تيز ٿيندو آهي ۽ چمڙي ۽ وارن جا مسئلا حل ٿي ويندا آهن.

ماهرن موجب جيڪڏهن آئرن ۽ زنڪ جي گهٽتائي نه ٿيڻ جي باوجود به وار ڇڻي رهيا آهن ته تلسي جو تيل بهترين آپشن آهي، ان تيل جو استعمال هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو اڌ ڪلاڪ کان هڪ ڪلاڪ تائين ڪرڻ گهرجي.

ٻئي پاسي ان جو تيل سِڌي ريت چهري، ايڪني سٽيل چمڙي تي ۽ ٻيهر داڳن ۽ موهيڙن جي ٿيڻ کي روڪڻ جي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.