”صبر ڪندڙ ۽ پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏيندڙ کان ڊڄڻ گهرجي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي انڪشافن تي ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيو.

مريم نواز ٽوئيٽر تي پيءَ نواز شريف جي تصوير ۽ خبر شيئر ڪئي، جنهن تي قرآن شريف جي آيت به لکيل آهي.

ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر لکيو ته ان شخص کان ڊڄڻ گهرجي، جيڪو صبر ڪري ۽ پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏي ڏئي، ان ۾ ظالمن لاءِ وڏو سبق آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.