بٺوري ۾اغوا بعد آزاد ٿيل بدين واسڻ جو احتجاج

ميرپور بٺورو (رپورٽ : شوڪت سومرو ) بدين جي ناري جو مائٽن سميت ميرپوربٺورو ۾ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، جوابدار ڪجهه وقت اغوا ڪري ويا جنهن بعد پوليس بازياب ڪرايو، بازيابي بعد موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ناري جون دانهون، انهي سلسلي ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ جان محمد منڌرو جي رهواسي ناري سوناري مينڌرو پنهججي ڀاءُ عالم خان، پيء احمد ۽ امڙ زيب النسا سان گڏ پريس ڪلب ميرپور بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .ڪندي چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ عبدالحڪيم مينڌرو نالي شخص اغوا ڪري کڻي ويو هو جنهن بعد پوليس کيس بازياب ڪرائي مائٽن حوالي ڪيو، جڏهن ته بازيابي بعد بااثرن سندس ۽ سندس مائٽن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته کيس ۽ سندس مائٽن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سبب اباڻا ڪک ڇڏي پناه لاء دربدر ٿي رهي آهي، ناري جي امڙ صحافين آڏو روئندي چيو ته جوابدارن سندس ئي ڌي کي اغوا ڪيو ۽ سندن ئي عزت خراب ٿي هاڻي جيئڻ به سندن حرام ڪيو ويو آهي، جن چيو ته بدين پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪوبه قدم نه ٿي کڻي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.