ميرپورخاص ۾ناٺيءَ هٿان عورت جو قتل، ڪيس داخل

ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ ) ناٺي پاران دوکي سان پاڻ وٽ  گهرائي قتل ڪيل عورت مسمات ثنا زال تاج محمد پنهور جي قتل جو ڪيس سندس ڀاءۡ الطاف شورو  پاران سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ان جي ناٺي شوڪت پنهور , ڀائيٽي عامر پنهور خلاف داخل ڪرايو ويو آهي پوليس پاران ڇاپو هڻي  ٻنهي ملزمن کي  قتل ۾ استمعال ٿيل ڇري , عورت جي پرس ۽  ڪپڙن کي  هٿ ڪرڻ سميت ٻنهي  گرفتاري ظاهر ڪئي.

  • آريجن لڳ همراهه يرغمال، هٿيارن جي زور تي ڪڻڪ کڻي ويا

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ وڪڙو جي وڏيري ذوالفقار علي جوڻيجو آريجا يونيورسٽي ٿاڻي تي اچي زاھد ڏيرو ، قادر عرف قادن ڏيرو ، نادر علي ڏيرو ، معشوق علي جوڻيجو جي مٿان الزام لڳائيندي چيو آھي ته منھنجي گدام ۾ پيل 60 ٻج جي ڪڻڪ ھٿيارن جي زور تي گدام تي ويٺل مڙسن کي يرغمال بڻائي لوڊر تي کڻائي ويا اھڙي ايف آءِ  آر مٿين ڏوھارين خلاف درج ڪئي وئي آهي آريجا يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس گناھ نمبر 40/20/21 ڏوھ قلم 457/382/PPC  تحت ڪيس داخل ڪيو آھي.وڌيڪ پوليس پاران جاچ جاري آهي ان موقعي تي ايس ايڇ او گلزار احمد ٻرڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان صاف شفاف نموني جاچ ڪندس ڏوھ ۾ جيڪو به ڏوھاري ملوث نڪتو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري فريادي سان انصاف ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.