ذاڪر سهتو آزاد نه ٿيو، قومي ڪارڪنن پاران 91هين ڏينهن به بک هڙتال

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) شاگرد اڳواڻ ذاڪر سهتو بازياب نه ٿيو، سندس وارثن ۽ قومي ڪارڪنن پاران 91 ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي، ان سلسلي ۾ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، منير ابڙو، راجا سھتو ۽ ٻين چيو ته جبري گمشدگيون غير قانوني ۽ غير اخلاقي عمل آهي ھنن چيو تہ گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ مان پُرامن قومي ڪارڪنن شاگردن ۽ قومي شعور پکيڙيندڙ دانشورن ۽ قلم ڪارن کي کنڀي گم ڪرڻ جو اڻ کُٽ سلسلو جاري آھي، بيحسي ۽ لاتعلقي جي اھا انتھا آھي جو سنڌ جي قومي شعور کي گھري سازش سان ڇتڻ ۽ ڪُچلڻ جي گھري سازش ڪئي پئي وڃي پر ھن ملڪ ۾ انساني حقن جون دعوائون ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آھن .ھنن چيو تہ جيڪا حالت ھن وقت ملڪ ۾ آھي اھڙي آمريت جي دور ۾ بہ نہ ھوندي ھئي جو نوجوانن کي رات جي اونداھين ۾ کنڀي مھينن ۽ سالن تائين انھن کي ٽارچر سيلن ۾ رکي سندن زندگين سان کيڏيو پيو وڃي جيڪڏھن اڄ سنڌ اجو ارڏو پُٽ شھيد بشير خان قريشي ھُجي ھا تہ سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي موجووھ لاوارثي نظر نہ اچي ھا اڳواڻن انساني حقن جي عالمي ادارن تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو تہ سنڌ مان جبري ۽ غير قانوني کنڀي لاپتا ڪيل ذاڪر سھتو سميت سمورن قومي ڪارڪنن کي ظاھر ڪيو وڃي جيڪڏھن سندن خلاف ڪا بہ قانوني چاراجوئي ڪرڻي آھي تہ انھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.