خانپور مهر لڳ ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، تشدد، جوابدار فرار، احتجاج

خانپورمهر ( رپورٽ: ميهر مهر  ) خانپور مهر ويجهو عادلپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ امام بخش گبول ۾ جوابدارن پاران نوجوان ناري نبيلا ڌي عنايت گبول کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ناري رڙيون ڪيون جنهن تي پاڙيوارا پهچي ويا ۽ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،ناري تي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ جڏهن ته ذوالفقار گبول به زخمي ٿي پيو. هوڏانهن ناري نبيلا گبول وارثن سان گڏجي عادلپور ٿاڻي تي پهتي جتي هن جوابدار وحيد گبول، نور محمد گبول ۽ نويد گبول خلاف اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي جنهن بعد وارثن ناري نبيلا سميت عنايت گبول، ثناءُ ﷲ گبول، احسان گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شديد نعريبازي ڪئي، ان دوران متاثر ٿيل ناري نبيلا جو چوڻ هيو ته جوابدار وحيد، نور محمد، نويد گبول گهر ٻاهران مون کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مون رڙيون ڪيون ته منهنجو سئوٽ پهچي پيو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا، چيف جسٽس، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.