گمبٽ ۾ بدامني، رٽائرڊ فوجي گهران لکين رپين جو ڌاڙو

گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ شھر مان امن جو پکي اڏامي ويو گمبٽ جي تاج ڪالوني مان رٽائر فوجي قلندر بخش ميمڻ جي گهر مان نامعلوم چور گھر ڀاتين جي غير موجودگي ۾ گھر ۾ گھڙي تالا ٽوڙي 625000 رپيا  روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چور چوري ڪري ويا واقعي جي گمبٽ ٿاڻي تي اطلاع ڏني وئي جنهن کانپوءِ اين سي داخل ڪئي وئي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي متاثر گهر ڌڻي رٽائر فوجي قلندر بخش ميمڻ ٻڌايو ته اسان مائٽن جي شادي تقريب ۾ سمورا گھر ويل ھئا سين تي پويان ناملعوم چور گھر ۾ گھڙي الماڙي جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. ھنن ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.