ظلم جا راتاھا

تحرير؛مولوي محمود حسن کڏي وارو

سنڌ جو هڪ پٽ ناظم جوکيو پنهنجن جي وڏائي، تڪبر ۽ جبر و ظلم جي ور چڙهي راهي ملڪ عدم ٿيو، عرب شڪارين جن کي حڪومت طرفان شڪار جي پرمٽ جاري ٿيل هئي، تن جي وڊيو ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ جوکين جي وڏيرن کيس زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو.جيڪي ظلم ڪرڻ وارا ۽ ان ۾ شريڪ آهن تن خلاف سخت ڪارروائي ڪري قانون موجب کين عبرت جوڳي سزا ڏني وڃي.اسان جي هن قومي طاقت کي ظلم خلاف احتياط سان استعمال ڪجي ۽ انارڪي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.خاص طور تي جيڪي ان واقعي جي آڙ وٺي دين اسلام کي نشانو بنائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن اهو نه ٿيڻ گهرجي ڪيئي اهڙيون پوسٽون سوشل ميڊيا تي گردش ۾ آهن، جنهن ۾ حجاج بن يوسف ۽ محمد بن قاسم کان وٺي عربن کي سنڌين تي ظلم ۽ جبر جو شڪار بنائڻ جي آکاڻي ورجائي پئي وڃي.

جنهن جو هتي ذڪر اجايو آهي ۽ ٻئي پاسي حامد مير (مشهور صحافي) جي تصوير سان گڏ – جنهن ۾ هن جي ٻانهن تي ڪبوتر ويٺا آهن – پوسٽ رکيل آهي ته مغربي دنيا ۾ پکي، انسانن کان نٿا ڊڄن، ڇو ته پرامن انگريز  پکين لاءِ به نيڪ جذبا رکن ٿا.

 ”پرامن انگريز“ جو اکر خود پنهنجي اندر هڪ وڏو داستان رکي ٿو. بهرحال اسان جا حڪمران. موجوده عرب رياستن جا شهزادا هجن يا انگريزي ۽ آمريڪن يا چيني وغيره، سڀني جا ٻڌا نوڪر آهن ۽ نوڪرن جا نوڪر وري وڏيرا،  وري وڏيرن جا نوڪر، شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار، هڪڙي ڊگهي زنجير آهي، جيڪا ظلم ۽ زيادتي جا انيڪ وڏا داستان پنهنجي اندر رکي ٿي.

اسان هر ظلم ۽ زيادتي جي خلاف آهيون جو اسان جو دين اسان کي هر ظالم ۽ جابر جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ جي تعليم ڏئي ٿو.  پوءِ اهو ظالم ۽ جابر، پنهنجو هجي يا پرايو. هر مظلوم سان گڏ بيهڻ جو حڪم ڏئي ٿو. پوءِ اهو پنهنجو هجي يا پرايو.

نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سموري زندگي ۽ حياتي مظلوم جي حمايت ۽ ظالم جي مخالف رهي آهي.  اسان تي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعليم ۽ هدايتن تي هلڻ ۽ عمل ڪرڻ لازم آهي. تنهن ڪري هر ظلم خلاف  آواز اٿارڻ گهرجي ظالم خلاف مظلوم جو ساٿ ڏجي. انتها پسندي کي ڇڏي اعتدال ۽ انصاف جي ڳالهه ڪجي، جيستائين ائين نه ٿيندو ظلم جي پڄاڻي نه ٿيندي ۽ افراتفري ڏانهن وڌندا وينداسين.الله تعاليٰ ناظم جوکئي تي پنهنجي ٻاجهه ڪري ۽ سندس پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ سندس قاتلن کي وائکو ڪري. عبرت جونشان بنائڻ ۾ مدد فرمائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.