سنڌ سرڪار پاران ننڍن آبادگارن لاءِ زرعي مالي پئڪيج جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت خريف جي فصل لاءِ هاري ڪارڊ ذريعي ننڍن آبادگارن لاءِزرعي مالي پيڪيج جواعلان ڪري ڇڏيو.وڏي وزير جي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڊي اي پي، ڪپهه ۽ چانورن جي فصل تي 1500 رپيافي ايڪڙسبسڊي ڏيندي، سفيد مَکِي تي 1200 رپيا في ايڪڙ آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي. منظور وساڻ چيو ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي هاري ڪارڊ تي سنڌ بينڪ ذريعي 3 هزار 607 ملين رپيا سبسڊي ملندي، ڪاٽن سيڊ تي 1200 سو رپيا في ايڪڙ سال 2021 جي خريف جي آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي. ھن چيو ته تحصيل سطح تي ڪميٽي جا لاڳاپيل زراعت جا آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنرز، سنڌ آبادگار بورڊ، ايگريڪلچرچيمبر آف ڪامرس جا اڳواڻ نمائندگي ڪندا، ڪميٽي آبادگارن کان درخواستون، لسٽون ۽ روينيو رڪارڊ مطابق زمينن جي تصديق ڪندي. منظور وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني ننڍن آبادگارن جو سروي مڪمل ۽ درخواستون وصول ڪيون پيون وڃن. ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ جي هدايت تي وڌيڪ ٻين زرعي فصلن تي به سبسڊي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.