حمزا شهباز ۽ آصف زرداري ۾ ملاقات رٿيل

اسلام آباد(م ڊ)سينيئر صحافي عارف حميد ڀٽي چيو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ حمزه شهباز ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات ٿي رهي آهي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ جي سلسلي ۾ ڳالهيون ٿينديون، خطرو حڪومت کي حڪومت مان آهي، لڳي ٿو ته حڪومت جو ڪنهن سان به رابطو ناهي، ٽن سالن ۾ عثمان بوزدار ڪا به ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري، عمران خان چاهي ٿو ته هن جي حڪومت کي شهيد ڪيو وڃي، حڪومت هن وقت پريشاني جي عالم ۾ آهي، تجزئي نگار مظهر عباس چيو ته اپوزيشن لاءِ پارليامينٽ اندر تبديلي جو آپشن آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته پوءِ روز روز اجلاس ڇو پيا ٿين، تجزئي نگار اياز امير چيو ته عمران خان کي آڻيندڙن کان پڇا ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.