مخالف ڌر پاران ان هائوس تبديلي تي غور، قانونسازي تي حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) اپوزيشن قانونسازي تي حڪومت جو ساٿ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ان هائوس تبديلي تي غور اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب، شزا فاطمه شريڪ ٿيا ،ورچوئل اجلاس ۾ شيري رحمان، شازيا مري،ڪامران مرتضيٰ به شريڪ ٿيا،  ميمبرن چيو ته حڪومت نيب چيئرمين جي مقرري معاملي ۾ آئين جي روح جي ڀڃڪڙي چاهي ٿي، شخصي بنيادن تي قانونسازي جي معاملي ۾ حڪومت جو ساٿ نٿو ڏئي سگهجي، ڪميٽي ۾ اتفاق ٿيو ته حڪومت سان قانون کي بهتر بڻائڻ تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، بدتر نه، متحده اپوزيشن اسپيڪر قومي اسيمبلي کي جوابي خط لکي تجويزون به ڏئي ڇڏيون، ڪميٽي سينيٽ چيئرمين پاران اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو آهي، ميمبرن جو چوڻ آهي ته حڪومت اهڙن ٻن ميمبرن کي شامل ڪيو جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا، انهن ميمبرن اليڪشن ڪميشن کي باهه لڳائڻ تائين جي به ڳالهه ڪئي، ميمبرن چيو ته اهي ميمبر اليڪشن ڪميشن ۾ پيشيون ڀوڳي رهيا آهن، ڪميٽي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي نمائندگي ختم ڪرڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو ويو، اسٽيئرنگ ڪميٽي معاملي تي ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان به رابطو ڪندي،خط ۾ متحده اپوزيشن چيو آهي ته اسپيڪر 23 جون 2021ع تي قانون سازي بابت ڪميٽي جوڙي هئي، ان ڪميٽي جا 3 اجلاس منعقد ٿيا. قانوني مسودا پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي حوالي ٿي چڪا آهن. متحده اپوزيشن لکيو آهي ته قومي مفاد ۾ خاص طور تي عوام جي وسيع اثرن جي حامل قانونسازي، اتفاق راءِ ۽ مشاورت سان هئڻ گهرجي. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن تي ٻڌل اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي چونڊ سڌارن جي پوري پئڪيج تي غور ڪيو. خط ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته اسپيڪر جي جوڙيل پارلياماني ڪميٽي چونڊن جي (ترميمي) بلن 2021ع سميت چونڊ سڌارن جو پئڪيج اتفاق راءِ سان تيار ڪري. ٻنهي ايوانن جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي سڌارن جو جائزو وٺي متفقه طور منظوري ڏئي. خط ۾ تجويز ڏني وئي ته پارلياماني ڪميٽي 25 جولاءِ 2014ع تي جوڙيل ڪميٽي جي بنياد تي ٺاهي وڃي ۽ قومي اسيمبلي کان منظور ۽ سينيٽ مان منظور نه ٿيڻ ۽ گڏيل اجلاس کي موڪليل بل قانونساز ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندي وڃي، هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو ته حڪمران قانونسازي نه گهر وڃڻ جي تياري ڪن، جڏهن اتحادي ۽ پنهنجي ميمبرن بي اعمتادي ڪري ڇڏي ته حڪومت کي سياسي نظام جي ڪاميابي ياد اچي وئي، هر قومي ايجنڊا کي عمران خان تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، عوام کي عمران خان جي استعيفيٰ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.