ملير ۾کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج

ملير (ڊ ر) کنڀي گم ڪيل سجاد منڱڻيجو، ساگر سعيد گاڏاهي، ايوب ڪانڌڙو، پٺاڻ زهراڻي سميت ٻين جي بازيابي لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ جويو، سهڻي جويو کنڀي گم ڪيل جي وارثن مريم سنڌي، شاهد ڪانڌڙو، عرفان زهراڻي ۽ فرحان منڱڻيجو پاران ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ جويو، فرحان منڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي شعور کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڏوهه جي ڪابه خبر ناهي پر هو ڪيترن ئي مهينن کان گم آهن، جنهن ڪري سندن وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن، کنڀي گم ڪيل نوجوان به هن ملڪ جا شهري آهن انهن کي ڪهڙي قانون تحت کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، اها ڳالهه حڪومت به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ ۾ سوين نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن، انهن کي عدالتن ۾ به پيش نٿو ڪيو وڃي آخرڪار اهو ڏاڍ ۽ جبر ڪيستائين هلندو، اسان گهر ٿا ڪيون ته بيگناهه کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي جلد بازياب ڪري سنڌ مان احساس محرومي ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.