5 هزار اسڪول بند ڪرڻ ناڪامي جو اعتراف آهي: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم زرداري ليگ حڪومت جي تعليم واري  وزير پاران پنج ھزار اسڪول بند ڪرڻ واري اعلان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪنديچيو آهي ته سنڌ حڪومت ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي ۽  عوام کي تباھ ڪرڻ چاھي ٿي،تعليم کي بھتر ڪرڻ بجاءِ اسڪول بند ڪرڻ عوام جي ڪھڙي خدمت ۽ عقلمندي آھي،پنھنجي جاري ٿيل ۾ سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو آھي ته سنڌ جا اڪثر اسڪول اين جي اوز حوالي ڪيا ويا آهن،ساليانو اربين رپين جي بجيٽ اين جي اوز سان گڏجي ھڙپ ڪيا وڃن ٿا،ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب اسڪولن ۾ گڏھ ۽ جانور ٻڌل آھن،فنڪشنل ليگ جو مطالبو آھي ته 5 ھزار اسڪول بند ڪرڻ بجاءِ نوان اسڪول کوليا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.