ڪو به ٻار ماحولياتي تبديلين کان محفوظ ناهي: يونيسيف

اسلام آباد(م ڊ) گڏيل قومن جي ٻارڙن جي ڀلائي بابت ڪم ڪندڙ اداري (يونيسيف) جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا جو ڪو به ٻار ماحولياتي تبديلين کان محفوظ ناهي رهيو. گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي تبديلين سبب سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جا اٽڪل هڪ ارب ٻار ماحولياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن. رپورٽ موجب عالمي سطح تي هڪ ارب ٻارن جي صحت ۽ حياتين کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سندن حياتيون به ختم ٿي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.