ويسٽ انڊيز جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي آخري ون ڊي ميچ ۾ به شڪست ڏئي 3 ميچن جي سريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ڪراچي ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ مهمان ٽيم 226 رنسن جو گهربل هدف 44 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري گرين شرٽس کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ پاڪستاني عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 225 رنسون ٺاهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.