ڀارت: مسجد تي حملي جا ثبوت سامهون آڻڻ تي 2 صحافي عورتون گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻه صحافي عورتن رياست تري پورا ۾ هندو انتهاپسندن هٿان ساڙي مسجد ۽ مسلمانن جون ملڪيتون سامهون آنديون.

مسلمانن خلاف ٿيندڙ ظلمن جا پول پڌرا ڪرڻ تي حڪومت ۽ هندو انتهاپسند صحافي عورتن تي ڏمرجي پيا، ٻنهي صحافي عورتن تي ڪيس داخل ڪرائي کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي صحافي عورتن خلاف هندو انتهاپسند پارٽي وشوا هندو پريشد جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ انهن تي الزام آهي ته انهن رياست ۾ مذهب جي بنياد تي مختلف گروهن جي وچ ۾ دشمني وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

گرفتاري کان اڳ صحافي عورتن جو چوڻ هو ته پوليس طرفان انهن کي هوٽل ۾ اچي ڊيڄاريو ويو انهن کي ڪمري مان نڪرڻ کان به روڪيو ويو.

واضح رهي ته رياست تري پورا ۾ گذريل ڏينهن ۾ هندو انتهاپسندن مسلمان جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو هو ۽ مسجدن جي بي حرمتي ڪئي هئي.

پوليس طرفان مسلمانن خلاف تشدد جي واقعن جي ترديد ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.