ايران ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، هرمزگان لُڏي ويو

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني صوبي هرمزگان ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.

ايراني ميڊيا موجب بندرعباس جي بندرگاهه ويجهو 6.3 ۽ 6.4 جي شدت جا 2 زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا.

زلزلي جي شدت جي ڪري عمارتون لُڏي وين ۽ شهري پريشان ٿي گهرن کان نڪري آيا، زلزلي جي شدت جي ڪري بجلي جو پول ڪرڻ جي ڪري هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.

زلزلو ماپڻ واري يورپي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 6.3 ۽ 6.4 شدت رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز سامونڊي شهر بندر عباس کان 47 ڪلوميٽر پري جو علائقو هو ۽ زلزلي جي گهرائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.