پي ڊي ايم موسمي بيماري آهي، ويڪسين لڳڻ تي واپس هلي ويندي: اسد عمر

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سياري ۾ جيئن بيماريون اينديون آهن، پي ڊي ايم به ائين ئي موسمي بيماري آهي، ان کي ويڪسين لڳندي ته هلي ويندي.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته نوجوانن جو مستقبل روشن ڏسي رهيو آهيان، موجوده حڪومت ۾ 23 لک نوڪريون ڏنيون ويون آهن، زراعت جي شعبي ۾ ماڻهن کي گهڻيون نوڪريون مليون آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ به نوڪرين جا موقعا ملي رهيا آهن.

هن چيو ته اسان جي آءِ ٽي جي برآمد ۾ 47 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، آءِ ٽي جي برآمد هن سال 3 ارب ڊالرن تي پهچي ويندي، آءِ ايم ايف سان معاهدي جي صورتحال شوڪت ترين ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم به موسمي بيماري آهي، سياري ۾ جيئن بيماريون اينديون آهن، ائين ئي پي ڊي ايم به ايندي آهي، پي ڊي ايم کي ويڪسين لڳندي ته هلي ويندي، فيبروري مارچ تائين پي ڊي ايم جو قصو ختم ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.