ڀٽ شاهه ۾ عطائين جي دڪانن تي ڇاپا

ڀٽ شاھه (ن ع آ)گزريل ڏينهن هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڊاڪٽر زاهدا جميل جي اڳواڻي ۾  عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڇاپا ٻه ڪلينڪون سيل ڪيون ويون ٽيم جي واپسي بعد  عطائي ڊاڪٽرن ديرا ڄمائي ڇڏيا غريب مسڪين ماڻھن کي ٻنهي ھٿن سان ڦرڻ لڳا انتظاميا به خاموش تماشائي بڻيل سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود به عطائي ڊاڪٽر غريب عوام لاء ناسور بڻيل شھر جي بوداڻي چوڪ اللّه والا چوڪ ٻگهيه محلا شاهي بازار لطيف ڪالوني جراڙ شاھ ڪالوني اسٽيشن روڊ  سميت شھر جي مختلف جڳهين تي ڪلينڪون قائم حڪومت پاران عطائي ڊاڪٽرن لاء جوڙيل ٽيم هيلٿ ڪيئر به ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي نه ئي ڀٽ شاھ شھر ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ٿي سگهي ڪاروائي به صرف نالي ماترٿي ٽيم وڃڻ کان پوء سڀ ڪلينڪون ٻيهر کلي ويون شھرين توڙي  سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عطائي ڊاڪٽر لطيف سائين جي شھر لاء ناسور بڻجي ويا آھن غريب عوام کي لٽي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏيو اٿن هن مهنگائي جي دور ۾ غريب ماڻھو گهر جي راشن جي ڪري يا ڊاڪٽرن جي غريب ماڻھن پنهنجو الھ تلھ به وڪڻي هنن ظالمن جي پويان لڳائي ڇڏيو آھي  عطائي ڊاڪٽر غريب عوام کي ڦري لٽي تاجر بڻيا ويٺا آھن غريبن جي پيسن مان پنهنجا ڪاروبار پيا هلائين غريب عوام جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن  هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته عطائي ڊاڪٽر ڪوڙيون ڊگريون پنهنجي ڪلينڪن ۾ لڳائي عوام کي بيوقوب بڻائي انساني جانين سان کيڏي رهيا آھن هنن ضلع انتظاميا ۽ سنڌ جي صحت کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته عطائي ڊاڪٽرن خلاف فورن ايڪشن وٺي هنن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.