ماٿيلي ڀرسان جهيڙو، ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج

ميرپورماٿيلو (ت ر) ميرپورماٿيلو ؛ ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ اسحاق مھر ۾ مھر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ گھر خالي ڪرائڻ تان جھيڙو،نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن علي گل مھر ۽ سوداگر مھر سخت زخمي  ٿي پيا، زخمين جي وارثن جو ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج،  تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ اسحاق مھر ۾ مھر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ گھر خالي ڪرائڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون لڳڻ سبب پيرسن علي گل مھر ۽ سوداگر مھر سخت زخمي  ٿي پيا جڏهن ته زخمين جي وارثن زخمين کي ميرپورماٿيلو  ٿاڻي تي کڻي جتي جوابدار بشير ۽ يارمحمد، عرفان ۽ وحيد مھر مٿان حملي جي اين سي داخل  ڪرائي ۽ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪيو بعد ۾ پوليس گرفتار ٿيل عرفان مھر، بشيرمھر ۽ وحيد مھر کي مبينا ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن بعد  زخمي پيرسن جي وارثن پاران زخمي کي کڻائي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ميرپورماٿيلو پوليس خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي غالب حسين مھر، جمالدين مھر، ڪمال مھر ۽ ٻين چيو تہ اسان جي گھر مٿان حملو ڪيو ويو اسان جو گھر خالي ڪرائڻ لاء اسحاق مھر حملو ڪرايو آھي اسان جو پئ علي گل ۽ سئوٽ سوداگر مهر سخت زخمي ٿي پيا آھنميرپورماٿيلو  پوليس گرفتار جوابدارن کي رشوت عيوض ڇڏي ڏنو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.