سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ قائم آهي:هاري ڪميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ اندر لاقانونيت آهي، لائين فورس ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن، سنڌ اندر ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿي رهيا آهن، ڌاڙيل راڄ پيو هلي، تازو پنوعاقل مان ٻه نوجوان شفيق وگهو ۽ رحيم واگهو ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪيا ويا آهن، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين سندن ڪو ڏس پتو ئي ڪونهي، پوليس جي خاموشي تي هزارين سوال پيدا ٿي رهيا آهن، هي آخر ٿي ڇا رهيو آهي، هڪ طرف مهانگائي سبب ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن ته ٻئي طرف چوريون، ڌاڙا ۽ اغوائون ٿي رهيون آهي،سنڌ هاري ڪاميٽي جي وفد پنوعاقل ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ ڪامريڊ ولي محمد جي اڳواڻي ۾ شرڪت پڻ ڪئي آهي. نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج جي ڪال ڏينداسين. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي ماروئڙن کي اڪيلو نٿي ڇڏي سگهي پرامن جدوجهد جاري رهندي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.