تعليم کي تالا نامنظور، باڊهه ۾ ڳوٺاڻن جي ريلي، ڌرڻو

باڊھه (ن ع آ )  تعليم کي تالا نامنظور تعليم بچايو, سنڌ بچايو. باڊھ ڀرسان تعلقي ميهڙ جي يونين ڪائونسل بوٿرو جي ڳوٺن حسن آباد, مريد آباد ۽ ڳوٺ بوٿرو جي پرائمري اسڪولن جي تالابندي خلاف ڳوٺاڻن پاران پنهنجي معصوم ٻارن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو, احتجاج ۾ شامل ڳوٺاڻن  تعليم کي تالا نامنظور تعليم بچايو, سنڌ بچايو جهڙا اڀ ڏاريندڙن نعرا هنيا. هن موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ يو سي بوٿرو جي اڳوڻي چيئرمين سرائي اعجاز علي ڏھر, عاشق علي ڏھر, وقار علي منڱڻھار, ڪمال خان جويو ۽ ٻين ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسان جي ڳوٺن بوٿرو, حسن آباد ۽ مريد آباد جي پرائمري اسڪولن کي تعليم کاتي جي آفيسرن جي ناهلي ۽ ڪرپشن سبب تالا لڳل آهن, جنهن ڪري اسان جي ذڪر ڪيل ڳوٺن جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن.هنن چيو ته اسڪول بند هئڻ ڪري اڪثر ٻارڙا ٻين ڀروارن ڳوٺن جي اسڪولن ۾ وڃي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن جڏھن ته ڪيتريون ئي نياڻيون ٻين ڳوٺن ۾ تعليم پرائڻ بجاء گهرن تائين محدود بڻجي ويون آهن. هنن چيو ته ملڪ ۾ اڳئي ڪرونا وائرس سبب تعليم سخت متاثر ٿي آهي, ويتر اسڪولن جي تالابندي ڪري علائقي جي معصوم ٻارڙن کان تعليم جو حق به کسيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آهي. ڳوٺاڻن چتاء ڏيندي چيو ته بنادير ذڪر ڪيل ڳوٺن جا سمورا اسڪول کولرائي تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ عدالت سڳوري جو دروازوکڙڪايو ويندو ۽ احتجاج دائرو پڻ وڌايو ويندو.

  • سکر تعليمي بورڊ پاران انٽر جي امتحان جا نتيجا پڌرا

 سکر (رپورٽر) سکر بورڊ انٽر جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، خبرموجب تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر رفيق پلهه پاران جاري ڪيل نتيجن موجب انٽر ڪلاس جي پري ميڊيڪل گروپ ۾ 16944 اميدوارن حصو ورتو، جنهن مان 123 اميدوار غير حاضر ۽ 16821 اميدوارن حصو ورتو، جنهن مان 5589 اميدوار اي ون گريڊ 5015 اميدوار اي گريڊ 3389 اميدوار بي گريڊ 1291 اميدوار سي گريڊ ۽ 158 اميدوار ڊي گريڊ ۾ پاس ٿيا آهن.مجموعي طور 15470 اميدوار پاس ۽ 1324 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا آهن. 27 اميدوارن جا مختلف سببن ڪري نتيجا روڪيا ويا آهن. جڏهن ته انجنيئرنگ گروپ ۾ 12344 اميدوارن حصو ورتو، جنهن مان 63 اميدوار غير حاضر ٿيا آهن. انجنيئرنگ گروپ ۾ 3816 اي ون گريڊ، 3961 اميدوار اي گريڊ 2268 اميدوار بي گريڊ 958 اميدوار سي گريڊ ۽ 173 اميدوار ڊي گريڊ ۾ پاس ٿيا آهن، مجموعي طور 11181 اميدوار پاس ۽ 1072 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا آهن. 12هين ڪلاس جي ڪامرس گروپ ۾ 367 اميدوارن حصو ورتو، جنهن مان 18 اميدوار اي ون گريڊ 49 اميدوار اي گريڊ ۽ 113 اميدوار بي گريڊ ۾ پاس ٿيا آهن. جڏهن ته ڪامرس گروپ ۾ ڊي گريڊ 72 اي گريڊ 16 اميدوار پاس ٿيا آهن، مجموعي طور 346 اميدوار پاس ۽ 18 اميدوار فيل قرار ڏنا ويا آهن. هيومنٽي گروپ ۾ 2837 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 11 اميدوار اي ون گريڊ، 172 اميدوار اي گريڊ، 683 اميدوار بي گريڊ، 1093 اميدوار سي گريڊ، 626 اميدوار ڊ گريڊ ۽ 91 اميدوار اي گريڊ ۾ پاس قرار ڏنا ويا آهن.

  • داد لغاري ڀرسان اسڪول ۾ ڪتابي ميلو

دادلغاري (ن ع آ)داد لغاري ويجهو ڪينجهر پتافي ۾ انڊس ماڊل اسڪول ۾ ڪتابن پڙھڻ کي ھٿي وٺرائڻ ۽ علم جو شعور پيدا ڪرڻ لاء تعليمي ۽ ڪتابي ميلو منعقد ڪرايو ويو ڪتابي ميلي ۾ علائقي جي مختلف نجي توڙي سرڪاري اسڪولن جي سوين شاگردن ۽ استادن,تعليمي ماهرن صحافين,شهرين توڙي علائقي جي معززين ماڻهن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪتابي ميلي ۾ مختلف عنوانن اسلامي,جنرل ناليج ,سائنسي ڪتاب,سنڌ جي مهان تاريخ دانن جي ڪتابن سميت,ڀٽ شاه جو رسالو ۽ ٻين ڪيترين ئي عنوانن تي مشتمل ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا هئا جڏهن ته تعليمي ميلي جو افتتاح تعليمي ماهر ڪريم بخش پتافي, سڌير احمد پتافي استاد عبدالقديرپتافي ميرمرتضي پتافي ۽ ٻين ڪئي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تعليمي ماهرن عبدالقدير پتافي,عبدالڪريم پتافي,استاد امجد لغاري,شبيراحمد شر عباس پتافي غالب ڪريم محسن علي ۽ ٻين تعليم سان لڳاءُ رکندڙ نوجوانن,علائقي واسين  شرڪت ڪئي.۽ شاگردن کي چيو ته ڪينجهر پتافي اڄ کان 15 سال اڳ بدامني جي ور چڙهيل هيو هن علائقي ۾ تعليم جو فقدان هيو تعليم نه هجڻ ڪري هٿيارن جي نمائش ڪئي ويندي هئي تعليم جو معيار بلڪل ڪونهي هيو ۽ هن پٺتي پيل علائقي ۾  ماڻهو بدامني جي ڪري اچڻ به پسند نه ڪندا هئا جتي جديد هٿيارن جي نمائش ٿيندي هئي اڄ انهي علائقي اندر انڊس ماڊل اسڪول جهڙا تعليمي ادارا ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان نوازي انهن جي تقدير بدلائي ڇڏي آهي هنن چيو ته شاگردن ۾ تعليم سان لڳاءُ پيدا ڪرڻ لاء اسان تعليم جي لاٽ ٻاري آھي جتي تعليم جي لاٽ ٻرڻ سان کوڙ سارا ڏيئا روشن ٿيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.