ڄامشوري ويجهو واٽرسپلاءِ جي ٽانڪي ڀڄي پئي، گهرن پاڻي داخل

ڄامشورو( ڊ ر )  پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب  ڳوٺ عبدالله چاوڙو جي واٽرسپلاء اسڪيم جي پاڻي واري ٽانڪي جي ڀت اوچتو ڌماڪيسان ڀڄي پئي, ٽانڪي جي ڀڄڻ سبب پاڻي چاوڙا برادري جي گھرن ۾ ڪاهي پيو جنهن سبب ڪچن گهرن جون ڀتيون ڪري پيون ۽ ان سان گڏوگڏ مسڪين ماڻهن جي گهرن ۾ پيل راشن سميت گهرن جي استعمال جو سامان سڙو پڻ ضايع ٿي ويو,ان حوالي سان واٽرسپلاء اسڪيم مان پاڻي فرآھم ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته ٽانڪي ڪافي عرصي کان ليڪيج هئي جنهن جون شڪايتون بار بار پبلڪ ھيلٿ انتظاميا ۽ ڊي سي ڄامشورو کي ڪيون پر انهن پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو جنھن سبب واقعو پيش آيو آھي، جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻن شاهد چاوڙو, نظير چاوڙو, عرفان چاوڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب واٽر سپلاء جي ٽانڪي ٽٽي جنهن سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب گهرن جون ڀتيون ڪري پيون آهن ۽ گهرن ۾ پيل راشن سميت ٻيو سامان پڻ ضايع ٿيو آهي, هنن مطالبو ڪيو آهي جلد ٽانڪي ٺهرائي پاڻي جي فرآهمي بحال ڪئي وڃي ۽ گهرن جي ٿيل نقصان جو معاوضو پڻ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.