دادو ڀرسان نوجوان جو گهر وارن کان ڪاوڙجي آپگهات

دادو ( ڊ ر )  دادو ڀرسان ڳوٺ ميوو خان پنهور هو رهواسي 18 سالا نوجوان عبدالغفار ولد احمد خان پنهور گهر وارن کان ناراض ٿي زهريلي دوا پيءَ خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان جو لاش سول اسپتال دادو آندو ويو جتي کين ڊيوٽي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث اباڻي ڳوٺ ميوو خان پنهور کڻائي ويا، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.