وفاقي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اِن ھائوس تبديلي جون ڳالهيون

تحرير؛ساگر ميمڻ 

پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت شروع کان ئي سياسي، معاشي، حڪومتي، عوامي ۽ قانوني سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي مسئلن ۽ معاملن ۾ گهيريل رھي آھي، وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ ناتجربيڪارين جي ڪري کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿيا آھن، جن ملڪ کي مسئلن جو ڍير بڻائي تباھي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آھي، پر انهن مسئلن ۾ خاص طور عوامي مسئلا، مهانگائي ۽ قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اضافي عام ماڻهو جو جيئن جنجال ڪيو آھي، پر پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت خلق خدا سان ڪيل واعدا پاڙڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجا۽ پنهنجو سمورو حڪومتي، سياسي ڌيان ۽ توجهه اپوزيشن يعني مخالف ڌر جي جماعتن کي زير ڪرڻ ۽ ھيسائڻ جي لاءِ نيب ۽ ٻين طريقن جي ذريعي انتقامي ڪارواين تي ڏيندي رھي آھي.

نيٺ وفاقي حڪومت خلاف ملڪ جي مخالف ڌر جي پارٽين جو گڏيل پي ڊي ايم نالي اتحاد ٺهيو، پي ڊي ايم وفاقي حڪومت خلاف ملڪي، سياسي توڙي عوامي مسئلن تي جدوجهد شروع ڪري ڏني، ملڪ جي چارئي صوبن ۾ مرحليوار ۽ حڪمت عملي تحت احتجاج، ڌرڻا ۽ جلسا به ڪيا ويا، وفاقي حڪومت ۽ سگهاريون قوتون اچي سوڙھو ۽ پريشان ٿيون، خاص طور تي ھتي ھيءَ ڳالهه رھجي وئي ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ سگهارين قوتن کي پڻ نشانو بنايو، سگهارين قوتن کي نشانو بنائڻ جي حوالي سان مخالف ڌر جو موقف ھو ته عمران خان جي ذاتي توڙي سياسي ڪا به حيثيت ۽ اھميت ڪونهي، انهيءَ جون سهولتڪار سگهاريون قوتون آھن، اِھو ئي سبب ھو ته کين انتهائي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو ھو.

ھن سموري مرحلي ۾ پي ڊي ايم کي ڪافي معاملن ۾ سياسي سرسري حاصل ٿي ھئي، پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، وفاقي حڪومت جيڪا ھوڏ ۽ تڪبر تي قائم ھئي، اُھا ڪافي معاملن ۾ ھن خيال سان پوئتي ھٽي ته سياسي گرم ماحول کي ٿڌو ڪجي، جنهن سان وفاقي حڪومت ۽ عمران خان جي ساک انتهائي گهڻي متاثر ٿي، نوٽ: ساک متاثر ٿيڻ جو کيس ڪو به احساس ناھي، اُن جي ذھن مان اڃان تائين ڪرڪيٽر ناھي نڪتو.

جيئن مون مٿي لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ سگهاريون ڌريون پريشان ٿي ويون، ھاڻي ڇا ڪجي؟ ھن سوال کان پي ڊي ايم جو اصل امتحان شروع ٿيو، آھستي آھستي ھلندي نيٺ پي ڊي ايم جا اختلاف کلي سامهون اچي ويا، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ جمعيت علماءَ اسلام ف جي وچ ۾ لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي معاملن تي اختلاف پيدا ٿي ويا، پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف ھو ته اچو ته پارليامينٽ جي وسيلي وفاقي حڪومت کي سوڙھو ڪيون، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب جي ويزاعليٰ کي قانوني ۽ پارلياماني طريقي سان گهر ڀيرو ڪيون، مسلم ليگ نواز ۽ جعميت علماءَ اسلام ف انڪار ڪندي چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيو، لانگ مارچ ڪيو وڃي، ھنن نقطن تي اختلاف وڌي وڃڻ کان پو۽ نيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي پي ڊيم ايم کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو پي ڊي ايم کان الڳ ٿي وڃڻ کان پو۽ اُن کي تنقيد نشانو بنائيندي چيو ويو ته ھن پي ڊي ايم کي پُٺي ۾ خنجر ھڻي دوکو ڪيو آھي، يعني پ پ جي حوالي سان طرحين طرحين جون تنقيدي ڳالهيون ڪيون ويون، بهرحال ھن ڳالهه کي الڳ رکي ڏسون، پ پ جي الڳ ٿيڻ کان پو۽ پي ڊي ايم ڇا ڪيو، صورتحال جو جائزو وٺجي ته ڪو خاطر خواه ڪردار ادا ڪري نه سگهي، پريس ڪانفرنس، بيان بازي، سکڻين ڳالهين کي سوا۽ وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي، گهاڻي جي اُٺ وانگر ھڪ جڳهه ٿي ڦرندي ۽ گهمندي رھي، ٻئي پاسي پ پ پارليامينٽ جي ذريعي وفاقي حڪومت سان وس آھر وڙھندي ۽ جهيڙيندي رھي، مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي، نيٺ اُھو چيو ويو ته ملڪ ۾ حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار پاڪستان پيپلز پارٽي نڀائي رھي آھي، جيئن ته مخالف ڌر ڇڙوڇڙ، اختلافن ۽ بحران جو شڪار ھئي، اُن دوران وفاقي حڪومت کي ساھ پٽڻ جو وقت ملي ويو، ۽ اُھا مانگر مڇ وانگر ملڪ ۽ عوام کي ڳيهي رھي ھئي، وفاقي حڪومت جي غلط، ناڪارا ۽ عوام آزار پاليسين جي سبب ملڪ ته ھونئن ئي لوڙھيو ۽ ڀوڳيو پئي، پر عوام مان مهانگائي کي وڌائي بقايا رت به نپوڙي ڪڍيو ويو، عام غريب ماڻهو ٻه ويلي ماني جي لاءِ پريشان ٿي ويو، کيس جيئڻ جي لاءِ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري پنهنجا ٻچا سر بازار ھوڪا ڏئي وڪڻا پئجي ويا، وفاقي حڪومت اُن کان علاوھ بيروزگاري، ملازمن کي ادارن مان ڪڍڻ ۽ کين بيروزگار بنائڻ جهڙا ڪڌا ڪم ڪندي رھي.

جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي باضابطا طور اڃان پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شامل ناھي ٿي، پر مخالف ڌر جون پارٽيون ھڪ ڀيرو ٻيهر پارلياماني مورچي تي گڏ ٿي ويون آھن، اُن حوالي سان خبرون اچي رھيون آھن ته گڏيل مخالف ڌر پارليامينٽ اندر ۽ ٻاھر احتجاج سان گڏ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آھي، اُن سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعتن ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان به رابطا بحال پڻ ٿيا آھن، امڪان ظاھر ڪيو وڃي پيو ته مخالف ڌر کي ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي به حمايت حاصل ٿي وڃي، ھوڏانهن پ پ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندڙ سابق ويزاعظم شاھد خاقان عباسي به ائين چئي رھيو آھي ته اَن ھائوس تبديلي پهريون آپشن آھي.

ٻئي پاسي ملڪ جي بدلجندڙ وفاقي سياسي صورتحال مان لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت جي لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا آھن، ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت کي قومي اسيمبلين ۾ ٻه بلن تي ناڪامي، اتحادين پاران ووٽ ڏيڻ کان انڪار، مخالف ڌر سان ھاڪار، سپريم ڪورٽ پاران ويزاعظم جي اي پي ايس سانحي ڪيس ۾ طلبي، وفاقي حڪومت پاران اجلاس ملتوي، مخالف ڌر سان رابطا ڪري راضي ڪرڻ جون ڪوششون يا وري ٻئي پاسي مخالف ڌر جماعتن جي سربراھن ۽ اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمن ۽ خورشيد شاھ سميت مخالف ڌر جي سياسي جماعتن جون پاڻ ۾ تيزي سان وڌندڙ ملاقاتون سميت سياسي سرگرمين مان اشارا ملن ٿا ته وفاقي حڪومت جي لاءِ ايندڙ ڏينهن ڪي آساني ۽ سڻائي وارا ڪو نه ھوندا، ھيءَ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آھي، اُن مان امڪان ظاھر ڪري سگهجي ٿو ته تبديلي اچي سگهي ٿي.

جيڪڏهن مخالف ڌر جي جماعتن کي اَن ھائوس تبديلي جي آپشن تي اچڻو ھو ۽ کين اُھا حڪمت عملي اختيار ڪرڻي ھئي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو پهرين اِهو موقف ھو ته پارليامينٽ جي ذريعي تبديلي آڻجي، جيڪڏهن خاطر خواهه ڪاميابي حاصل نٿي ٿئي ته پوءِ ٻئي آپشن کي استعمال ڪيو ويندو، نيٺ ائين ڪرڻو ھو ته پو۽ پهرين ڇو نٿي ڪيائون، اُن وچ ۾ وفاقي حڪومت کي جيڪو وقت مليو، اُن غلط پاليسين جي وسيلي ملڪ ۽ عوام کي جيڪو نقصان پهچايو، ڇا اُن جي ذميوار فقط وفاقي حڪومت آھي؟ منهنجي خيال مطابق جيڪڏهن مضبوط ۽ سگهاري مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪيو وڃي ھا ته وفاقي حڪومت کي ايتري ڇرواڳي نه ملي ھا، صورتحال وري به ھاڻي ڪجهه بهتر ٿي وڃي ھا، تنهنڪري، آئون سمجهان ٿو ته وفاقي حڪومت سان گڏ مخالف ڌر جون پارٽيون پڻ ذميوار آھن.

ھتي سوال اُھو آھي ته ملڪ جي موجوده بدلجندڙ سياسي صورتحال پويان ڇا سگهارن قوتن جو اشارو آھي؟ اسلام آباد جي گهلندڙ ھوا مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪارو آھي، ڇاڪاڻ ته موجوده وقت ۾ وفاقي حڪومت جيتري بيوس، ناڪام ۽ ڪمزور نظر اچي رھي آھي، ٿي سگهي ٿو ته سگهارين ڌرين جو ڪلهو نڪري وڃڻ جو سبب ھجي، بهرحال موجوده وفاقي حڪومت مڪمل طور ناڪام ۽ عوام آزار بڻجي چڪي آھي، ملڪ جي چارئي صوبن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد جي عوام چاھي ٿي ته ھيءَ حڪومت اڄ وڃي ۽ سڀاڻي ٻيو ڏينهن ٿئي، حڪومت جهڙي طريقي سان ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ عوامي سميت ھر لحاظ کان تمام گهڻو نقصان رسايو آھي.

اھڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر جو ھڪ ڀيرو ٻيهر متحد ٿيڻ سُٺي ڳالهه آھي، پر حيرت جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته اِھو ساڳيو ڪم ڪرڻو ھو ته پو۽ ايتري دير ڇو ورتي وئي، پر بهرحال پنهنجي جڳهه تي ھيءَ سوال موجود رھندو ته ڇا دير جي صورت ۾ مليل وقفو حڪمت عملي جو حصو ته ڪو نه ھو!؟ تنهنڪري ھاڻي مخالف ڌر مان ھيءَ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته اُھي دير سان صحيح پر پوري تياري سان اَن ھائوس تبديلي جي آپشن تي متحد ٿيون ھونديون.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.