اتحادين جو اي وي ايم تي اعتراض نٿو ٺهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته اتحادين جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا، مون کي نٿو لڳي ته اتحادين جو اي وي ايم تي ڪو اعتراض ٺهي ٿو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اي وي ايم بل پارليامينٽ ۾ ويو آهي ته ان جو مطلب ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ان کي منظور ڪيو آهي، ڪابينا ۾ سمورن وزيرن چونڊ سڌارن جي منظوري ڏني،اتحادين قومي اسيمبلي ۾ به چونڊ سڌارن جي حمايت ڪئي،  پئڪيج تي ڪو اعتراض ناهي، اهو ٺاهيو ئي ايم ڪيو ايم آهي،وسيم اختر جي ميار امين الحق ۽ فروغ نسيم سان بڻجي ٿي، بل جي ڊرافٽنگ ئي فروغ نسيم ڪئي آهي،اتحادي جماعتن جا وزير پنهنجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺن،فوج ۽ حڪومت ۾ جنهن قسم جا لاڳاپا آهن اهي ماضي ۾ نه رهيا اهن،   هوڏانهن فواد چوڌري چيو ته لانگ مارچ، شارٽ مارچ يا ڪوئيڪ مارچ،اسان کي انهن مارچن سان فرق نٿو پوي، پي ڊي ايم باربار ناڪامين باوجود ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ چاهي ٿي، مولانا سياري جي ايڪٽويٽين جو شوق پورو ڪري، پي ڊي ايم کي مشورو آهي ته اهي ٻه سال اليڪشن جو انتظار ڪن، هن چيو ته پي ڊي ايم وارا هڪ ٻئي جي پٺي تي ڇرا هنيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.