ڪوئيٽا، هوشاب ۽ باجوڙ ۾ ڌماڪا، فائرنگ، 5 اهلڪار شهيد، 5 ڄڻا زخمي

باجوڙ/ ڪوئيٽا/ راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي علائقي هوشاب ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 3 فوجي اهلڪار شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب هوشاب ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي محمد رمضان ۽ لانس نائيڪ لياقت اقبال شهيد ٿي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب هڪ ٻئي واقعي ۾ روڊ ڪناري ڀرسان ڦٽ ڪيل ڊوائيس ڦاٽڻ سبب سپاهي انعام الله شهيد ٿي ويو آهي، هوڏانهن خيبر پختونخواهه جي قبيلائي ضلعي باجوڙ ۾ راغگان ڊيم ڀرسان پوليس اهلڪارن کي امپرو وائزڊ ايڪسپلوزيو ڊوائس (آءِ اي ڊي) ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا، ضلعي پوليس آفيسر صمد خان موجب پوليس اهلڪار ڊيم جي سيڪيورٽي تي مقرر هئا، صبح تقريبن ساڍي ڏهين وڳي اهلڪارن کي آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، ٻي پاسي ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ ڌماڪي سبب ايگل اسڪواڊ جي ٻن اهڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ ڦٽ ٿيل هو، ڌماڪي ۾ ايگل اسڪواڊ کي نشانو بڻايو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.