دنيا جي سڀ کان وڏي ”جوائي اسٽڪ“ تيار

دنيا جي سڀ کان وڏي جوائي اسٽڪ تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي ڊيگهه 10 فوٽ آهي.

جوائي اسٽڪ، وڊيو گيمون کيڏڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي سائيز هڪ رمورٽ ڪنٽرول ڪار جي رمورٽ جيتري ئي هوندي آهي.

پر هاڻي ان جوائي اسٽڪ لي 10 فوٽ ڊگهو بڻايو ويو آهي جنهن کي حرڪت ڏئي ان سان گيمون کيڏي سگهجن ٿيون.

ان جوائي اسٽڪ کي آمريڪا جي ڊارٽ مائوٿ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ميري فلانيگن تيار ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ان جي تياري جي لاءِ ڪاٺ، رٻڙ ۽ فولاد جو استعمال ڪيو ويو آهي.

ان 10 فوٽ ڊگهي جوائي اسٽڪ جو وزن 3000 پائونڊ آهي جنهن کي گذريل 15 سالن ۾ مختلف نمائشن ۾ به پيش ڪيو ويو آهي.

سال 2021 ۾ ان کي دنيا جي سڀ کان وڏي جوائي اسٽڪ قبول ڪندي 2022 جي گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ جي ايڊيشن ۾شامل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.