لاڙڪاڻو: زيبسٽ اسڪول ۾ سنڌ حڪومت پاران استادن لاءِ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو

سنڌ حڪومت پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) اسڪول ۾ تعليم کاتي جي استادن لاءِ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو.

زيبسٽ لاڙڪاڻو ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا، اسڪولن جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري آڻڻ، استادن جي اهليت تي ڀرتي، معياري تعليم ۽ استادن کي جديد بنيادن تي تربيت ڏيڻ

۾ زيبسٽ جي ڊائريڪٽر لبنيٰ خالد، ريفارم سپورٽ يونٽ ڪراچي جي نور احمد سومرو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر فيميل شهاب الدين انڍڙ سميت تعليم کاتي جي استادن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي.

ورڪشاپ کي خطاب ڪندي زيبسٽ جي ڊائريڪٽر لبنيٰ خالد چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ سنجيده ڪوششون وٺندي نظر اچي رهي آهي جنهن جو واضع مثال اسڪول، ٻارن، استادن سان لاڳاپيل پنج سالن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن پلان جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي.

هن چيو ته پرائمري اسڪولن ۾ ارلي چائلڊ ايجوڪيشن ڪلاس متعارف ڪرايا وڃن جيڪو هڪ انقلابي قدم ثابت ٿي سگهي ٿو ان تي اسڪولن ۾ عملدرآمد ڪرڻ انتهائي ضروري آهي پر ان لاءِ اسڪولن جي ماحول کي بهتر بڻائڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.