هوسڙي: ٽائون ڪميٽي ۾عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بچت بازار لڳائي وئي

ھوسڙي ٽائون ڪميٽي ۾ انتظاميا پاران بچت بازار لڳائي وئي.

هوسڙي جي ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران هڪ ڏينهن واري بچت بازار لڳائي وئي، بچت بازار ۾ واهپي جي عام شين جا اسٽال لڳايا ويا جتي اٽو 55 رپيا في ڪلو،  گيهه  260 روپيا،  وڏو گوست 450 روپيا، چاور 84 رپيا في ڪلو ۽  ٻين  کاڌي پيتي جي  شين ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو.

ان موقعي تي اسسٽنٽ  ڪمشنر حيدرآباد سرھاڻ  ابڙو، مختياڪار فھيم منگي، ٽائون آفيسر  ھوسڙي  محمد حسن راھيپوٽو  ۽ ٻين پاران  بچت بازار جو دورو ڪيو.

انهيَ موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سرھاڻ ابڙو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو جي خاص ھدايتن تي حيدرآباد  ضلعي جي تمام ننڍن وڏن شھرن ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بچت بازارون  لڳائي رهيا آهيون.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.