گھوڙاٻاري: ڊسپينسري جو ڪم سالن کان رولڙي جو شڪار، ڳوٺاڻا پريشان

گھوڙاٻاري ڀرسان ڳوٺ مصري پارهيڙي ۾ ڊسپينسري جو ڪم سالن کان رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو.

ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته ٺيڪيدار رضوان ڊسپينسري جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي رڪارڊ ۾ مڪمل ڪم ڄاڻائي ايندڙ فنڊ هڙپ ڪيا آهن جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي، ايمرجنسي جي صورت ۾ ڳاڙھو، ساڪرو يا مڪلي وڃڻو پوي ٿو.

ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڊسپينسري جو ڪم مڪمل ڪرائي صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.