ڄامشورو: واٽر سپلاءِ ٽينڪ جي ڀت ڌماڪي سان ڪري پئي، پاڻي گھرن ۾ داخل

ڄامشوري ڀرسان ڳوٺ عبدالله چاوڙو ۾ واٽر سپلاءِ جي ٽانڪي جي ڀت  اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي.

ٽانڪي جي ڀت ڪرڻ سبب پاڻي گھرن ۾ ڪاهي پيو جنهن سبب گھرن ۾ پيل غريب پورهيتن جي راشن ۽ ٻيو سامان زيان ٿي ويو.

واٽر ملازمن جو چوڻ هو ته ٽانڪي گھڻي  عرصي کان ليڪ هئي  جنهن جون شڪايتون بار بار ڪرڻ باوجود ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو جنھن سبب ڀٽ ڪري  آهي.

متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب واٽر سپلاء جي ٽانڪي ٽٽي جنهن سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري گهرن جون ڀتيون ڪري پيون ۽ گهرن ۾ پيل راشن سميت ٻيو سامان پڻ زيان ٿيون آهن.

متاثر ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد ٽانڪي ٺهرائي پاڻي جي فرآهمي بحال ڪئي وڃي ۽ ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.